مختصر خبرون

سکر کان بوزدار وڏا ويندڙ واپاري هٿياربندن هٿان يرغمال

النور نيوز ايجنسي، خيرپور
سکر کان بوزدار وڏا ويندڙ واپاري هٿياربندن هٿان يرغمال، هزارين روپيه روڪ ۽ موبائل فون ڦر. تفصيل مطابق سکر ۾ موٽر سائيڪن جو واپار ڪندڙ واپاري سردار علي شيخ، سيد الطاف شاهه ۽ لحاظ الدين موٽر سائيڪل تي سکر کان بوزدار وڏا ويندي ڪنب ٿاڻي جي حد ڪنب _ ننگريجه روڊ وٽان گذرندي جڏهن کجين جي باغ وٽ پهتا ته ٽن هٿياربندن هٿيارن جي زور تي کين يرغمال بڻائي هزارين روپيه روڪ ۽ موبائل فونون ڦري فرار ٿي ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button