مختصر خبرون

خيرپور: سيشن جج جي حڪم تي ريڊ ڪمشنر جو بي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو

النور نيوز ايجنسي، خيرپور
سيشن جج جي حڪم تي ريڊ ڪمشنر جو بي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو، چاپي جي ڪڙڪ تي ناحق باندي ڇاپي کان اڳ آزاد. تفصيل مطابق ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالحميد قريشي جي هدايت بعد سيڪنڊ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ مس ثمينه منگي ٻي عدالتي عملي کي ساڻ ڪري بي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو هڻي رڪارڊ ضبط ڪري ورتو مگر بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ناحق باندي بڻائيل حاجي محمد ڦلپوٽو کي ڇاپي جي ڪڙڪ تي اڳ ۾ ئي آزاد ڪري ڇڏيو. عدالت ۾ ناحق باندي بڻائيل جي ناٺي عابد حسين ڦلپوٽو طرفان درخواست داخل ڪرائي ويئي هئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button