خيرپور

خيرپور: سماجي تنظيم ليڊ پاڪستان پاران ڊي سي آفيس درٻار هال ۾ تعليم جي سلسلي ۾ هڪ ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
سماجي تنظيم ليڊ پاڪستان پاران ڊي سي آفيس درٻار هال ۾ تعليم جي سلسلي ۾ هڪ ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ليڊ پاڪستان جي جنرل مئنيجر طاهر رشيد ڳالهائيندي چيو ته ليڊ پاڪستان پاران حڪومت، سول سوسائيٽي جي سهڪار سان ملڪ جي تعليم نظام جي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺي رهي آهي

 سماجي تنظيم ليڊ پاڪستان پاران ڊي سي آفيس درٻار هال ۾ تعليم جي سلسلي ۾  ورڪشاپ
سماجي تنظيم ليڊ پاڪستان پاران ڊي سي آفيس درٻار هال ۾ تعليم جي سلسلي ۾ ورڪشاپ
جڏهن ته (DFID) ۽ UKaid جي سهڪار سان علم آئيڊياز جي پروجيڪٽ جي مقصد تحت پاڪستان جي تعليمي نظام ۾ بهتري جي لاءِ حڪومت ۽ پروجيڪٽ سان لڳاپيل آبادين، سول سوسائيٽي سان گڏجي 2015 تائين 40 لک ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ، 90 هزار استادن جي ڀرتي ۽ کين تربيت سان گڏو گڏ 60 لک کان وڌيڪ اسڪولن کي نصاب ڪتاب فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته شهرين جي منشور ۽ مطالبن ۾ نظر ۾ رکندي ليڊ پاڪستان سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي داخله کي وڌائڻ، اسڪول جي حالت ۽ انفرا اسٽرڪچر ۾ بهتري آڻي وڌ ۾ وڌ سهولتون مهيا ڪرڻ، ايس ايم سي کي فعال بڻائڻ آهي جڏهن ته هن سلسلي ۾ ڄاڻايل پروجيڪٽ تحت سنڌ صوبي جا سکر ۽ خيرپور ضلعا شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته18 هين ترميم کانپوءِ تعليم جي سلسلي ۾ صوبائي حڪومتن توڙي استادن جي ذميوارين ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ جڏهن ته کين ڪيترين ئي چئيلينجز کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. ان موقعي تي ورڪشاپ ۾ ليڊ پاڪستان جي پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر ساد سلطان خيرپور ۽ سکر ضلعي جي سرڪاري اسڪولن جي ريسرچ سروي رپورٽ پيش ڪندي ٻُڌايو ته سرڪاري اسڪولن جي نگراني، استادن جي ڪارڪردگي ۽ اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽيز (ايس ايم سيز) جي ڪردار کي بهتر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته سروي ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿيو آهي ته خيرپور ضلعي اندر ايس ايم سيز ۽ لڳاپيل اسڪولن جي علائقن جي ڪميونٽي جي وچ ۾ رابطي ۽ ڪوآرڊينيشن جو فقدان آهي جڏهن ته ضلعي اندر اسڪولن جي حالت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ايس ايم سي فنڊ جو صرف 30 سيڪڙو استعمال ٿئي ٿو. هن رپورٽ ٻڌائيندي چيو ته ضلعي اندر ايس ايم سي ۾ عورتن جي نمائندگي زيرو جي برار آهي توڙي جي ڪيترائي گرلز اسڪول آهن پر انهن جي ايس ايم سي ۾ به مرد شامل آهن هن وڌيڪ چيو ته اسڪولن ۾ داخل ٿيل شاگردن جي حاضري صرف 60 سيڪڙو آهي جڏهن ته شاگرد ۽ استاد جي تناسب جي سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته ضلعي اندر 26 شاگردن تي هڪ استاد مقرر ٿيل آهي جيڪا هڪ بهتر سائن آهي. هن وڌيڪ ڄاڻايو ته استادن جي صرف 23 سيڪڙو کي قومي نصابي توڙي ٻين تعليمي پاليسين تائين رسد آهي جڏهن ته استادن جي تربيت، ڪارڪردگي توڙي اسڪولن جي ڪلاس رومز توڙي ٻين سهولتن جي حوالي سان ضلعي اندر سرڪاري اسڪول ٻين ڪيترن ئي مسئلن ۽ چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن. تعليمي ورڪشاپ ۾ تعليم کاتي خيرپور جي ڊسٽرڪٽ آفيسر سيڪنڊر نصير احمد جوڳي، ڊسٽرڪٽ آفيسر ايليمينٽري لياقت علي خاصخيلي، ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول جي هيڊ ماستر نثار احمد ميمڻ، يونيسيف جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر نسيم عباس چانڊيو، رائيٽ ٽو پلي جي ڪوآرڊينيٽر اڪرم شيخ، ضلعي جي مختلف تعلقن جي تعليم کاتي جي ميل توڙي فيميل اي ڊي اوز حميدالله مهر، امان الله پنهيار، آپا شمشاد سومرو، سول سوسائيٽي ۽ اين جي اوز جي نمائندن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته ورڪشاپ ۾ ليڊ پاڪستان جي پروجيڪٽ سان لڳاپيل خيرپور ضلعي جي آفيسر سيد سردار شاهه چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪئي جنهن تي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙ تعليم کاتي جي آفيسرن توڙي سول سوسائيٽي ۽ اين جي اوز جي نمائندن تفصيل سان بحث ڪيو ۽ پنهنجي راءِ کان آگاهي ڏني.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button