آرٽيڪل

باڊهه ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻيو!!!!!!

خادم حسين سومرو باڊهه

خادم حسين سومرو
خادم حسين سومرو
باڊهه شهر جيڪو 2 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شهر آهي، جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو چونڊ تڪ رهي چڪو آهي، هن شهر ۾ مهانگائي جي حوالي سان سنڌ جي شهر جي سيوهڻ شريف کان به وڌيڪ مهانگو ترين شهر آهي، هن شهر ۾ قانوني نالي ڪا به شي ڪانهي، هن شهر ۾ مهانگائي هتان جي غريب ماڻهن جي چيل چٻي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته مهانگائي سبب هتان جا ماڻهو تمام گهڻو پريشان آهن، مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، هتان جي دڪاندار ۽ ريڙهي واري صبح جي ٽائيم تي هڪڙو ريٽ مقرر ڪن ٿا وري شام جو ٻيو ريٽ مقرر ڪن ٿا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪاميٽي پاران ڪا به انهن کي لسٽ نه ٿي ڏني وڃي، جڏهن ته اعليٰ آفيسر پڻ غائب آهن، جڏهن ته شهر ۾ مختيار ڪار، ڊي سي ۽ ٻيا ڪيترائي ڀيرا آيا آهن پر انهن کي سبزي وارن کان ڪڏهن به پڇاڻو نه ڪيو آهي، خدارا خلق خدا سان انصاف ڪري ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري هتان جي رهواسين کي سهولتون مهيا ڪيون وڃن، ته جيئن سک جو ساهه کڻي سگهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button