آرٽيڪل

استاد بخاري

دلدار علي چنا
didlar aliاستاد بخاريءَ جو اصل نالو سيد احمد شاه هو. هن 16 جنوري 1930ع ۾ دادو ضلعي جي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاه جي گهر ۾ جنم ورتو. جيئن ته استاد پنهنجو ٻالڪپڻ درياءَ ويجهو، ڪانهن جي اڇن گلن ۽ سرنهن، ٻاجھر، جوئر، ڪڻڪ توڙي مٽرن جي کيتن ۾ ڊڪندي ڊوڙندي گذاريا، ان ڪري سندس طبيعت ۾ رنگيني ۽ ميٺاج جو سمائجي وڃڻ فطري عمل هو. هو ننڍپڻ کان ڏاڍو ذهين هيو، تعليمي لحاظ کان پهرين درجي کان سنڌي فائينل تائين پهرين پوزيشن کڻندو رهيو. استاد، عالم ، فاضل ۽ اديب واريون ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1946ع ۾ پهرين نوڪري روينيو کاتي ۾ تپيدار طور ڪئي. پر هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هن نوڪري ۾ رهي، ڪير ڪيترو به چاهي، ڪنهن درد مند جي دوا نٿو ڪري سگهي. ان ڪري استاد جي طبيعت کي به هي نوڪري بلڪل ڪونه وڻي ۽ جلد ئي هو اداري کان ناتا ٽوڙي تعيلم کاتي سان رشتو جوڙي ويٺو. استاد پرائمري استاد بڻجي مستقبل جي معمارن کي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي. هونئن ته استاد شاعري 1946ع ۾ شاگردي واري زماني کان شروع ڪئي هئي، پر 1951ع ۾ جڏهن کيس ايليمينٽري ڪاليج ميٺاڻي ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي کيس نامور شاعر عبدالله اثر جي صحبت نصيب ٿي ته استاد جي اندر جي ڏات تڙپي اٿي. سندس من ۾ متل مانڌاڻ نيٺ اڀري ٻاهر نڪري پئي، مشاعرن جون محفلون مچي ويون. پهريون استاد پنهنجو تخلص ” آسي“ ۽ ”دردي“ استعمال ڪيو، پر پوءِ جلد ئي پاڻ کي استاد سڏائڻ تي رضامند ٿيو.
استاد جي شاعريءَ جي ڪچي ڪلي کڙي گل ٿي پئي، جنهنجي خوشبو سموري سنڌ ۾ واسجي وئي. استاد ڌرتي، دل وارن ۽ سونهن جو شاعر بڻجي ويو. سندس گيت نگر نگر گونجڻ لڳا. سچ ته استاد جي شاعري ۾ سلاست، بلاغت ، جماليت ۽ هر اُها خوبي موجود آهي، جيڪا علم ادب جي دنيا ۾ هڪ شاعر کي اعلى درجي ۽ مقام تي آني بيهارڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. استاد جي شاعريءَ مان جماليت ائين اڀري نڪري ٿي جو محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هاڻي هاڻي سونهن مشڪ عنبر سان وهنجي سهنجي ريشم جو ڀرت ڀريل رنگين پڙو اوڙهي آئي آهي. استاد نه صرف سونهن پرست هو، پر ڌرتيءَ کي پنهنجي سرتي بڻائي ويٺو هو. ياد ٿو اچي ته استاد پنهنجي ڪتاب ” ڌرتيءَ سرتي“ جي ارپنا ڪجھه هن طرح ڪئي آهي.:
پنهنــــــــــــــــــــــجي دل جي نالي
منهنـــــــــــــــــــــــجي دل دادو آهي
دادو ســــــــــــــــــــــنڌ جي دل آهي
سنڌ وري ڪائنات جي دل آهي.
ان مان صاف ظاهر ٿي ٿو ته استاد رڳو سنڌ لاءِ نه پر سموريءَ ڌرتيءَ جي گولي تي آباد ٽئين درجي جي ماڻهن لاءِ تڙپيو آهي هو سموري ڪائنات جو شاعر آهي، پر هن ڪڏهن به اها دعوى نه ڪئي هئي (هاڻي به ڪجھه حال حيات شاعرن جيان) ته هُو شيخ اياز کان وڏو شاعر ۽ لطيف ثاني آهي. استاد ته ڪڏهن به پاڻ کي وڏو شاعر به محسوس نه ڪيو، هو هر نئين لکندڙ سان بنا ڪنهن هت ڀيد ۽ فرق ڏيکارڻ جي ائين ئي سڪ ۽ اڪير مان ملندو هو، ڄڻ پاڻ به انهي ٽهيءَ جو آهي. جڏهن ته اسان جا گهڻا سينئر جونيئرن کي منهن پري ڪري آڳرن جو هٿ ڏيندا آهن. ان ڀيٽ ۾ استاد ته هر هڪ کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هو. هو هڪ عظيم شاعر هو. ادبي ڪسوٽيءَ موجب عوامي شاعر ئي سڀني کان وڏو شاعر هوندو آهي، ڇو ته عوام جنهن کي گهڻو مان مرتبو ڏئي اهو ئي وڏو آهي. وقت ثابت ڪيو آهي ته استاد جي شاعري هر هنڌ، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ۾ ايتري ئي مقبول آهي، جيتري شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري عوام ۾ مقبول آهي.استاد پروفيشنل حساب سان سورنهن سال گلن جھڙن ٻارڙن جي تربيت ڪرڻ کان پوءِ پهريون سيڪنڊري ۽ 1963ع ۾ ليڪچرار ٿيو. هن دوران هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ليڪچرار کان پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر به بڻيو، جنهن تان 60 سالن جي ڄمار ۾ رٽائر ڪيائون. سندن علمي خدمتن عيوض سنڌ سرڪار ڊگري ڪاليج دادو جو نالو استاد بخاري ڊگري ڪاليج رکيو آهي.
استاد بخاري نه صرف لائق استاد ۽ سٺو شاعر هيو، پر هُو هڪ سٺو موسيقار پڻ هو. هن پنهنجي ڪيترن ئي گيتن جون ڌنون ترتيب ڏنيون. استاد سموري حياتي شاعري جي جھول ۾ تازا توانا گيت ڀيٽا ڏنا. شاعري سندن رت ۾ رڌم بڻجي ڊوڙندي رهي. استاد بخاري بلڊ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو هيو، سالن کان چنبڙيل ڪينسر جا جراثيم سندس حياتي پيئندا رهيا. پر پاڻ ڪڏهن به هنيانءَ نه هاريائون. مرڪ سندن چپن تان ڪڏهن مٽجي نه سگهي. موت سان وڙهندي استاد لنڊن مان بلڊ ٽرانفريشن به ڪرائي، پر موت جو راڪاس سندن حياتي مٿان ٽڪ ٻڌي بيٺو رهيو ۽ نيٺ 9 آڪٽوبر 1996ع ۾ اوچتو ڀڙڪو کائي استاد جي حياتيءَ کي جھپي اڏامي ويو. اها شام سمنڊ ماٺيڻو ٿي ويو، وڻ ٽڻ اداس نظر اچڻ لڳا، پکين جي نڙين ۾ سندن لاتيون اٽڪي بيهي رهيون، سنڌ سموري سوڳوار بڻجي وئي۔

ايــــــــندا ســــــي وينـــــــــدا ، وينـــــــــــدا ســــــــــــــــــي اينــــــــدا…….؟
اکين ۾ استاد جي اهڙا آئندا،مارو ميڙيندا، وايو بڻجي واس ۾.

۽ هينئر جڏهن 13 سال گذري چڪا آهن تڏهن به استاد جي شاعريءَ ساڳي پاٻوه ۽ شوق سان پڙهي ويندي آهي. سچ ته ڏات امر آهي. استاد جي شاعري جنهن ۾ استاد نالن جي سولائي، سهل ۽ سليس نالا اهڙا رکيا آهن جو ٻڌڻ سان خبر پئجي ٿي وڃي ته ان جو مفهوم ڇا آهي.
جھڙوڪ؛ نه ڪم نبريو نه غم نبريو، اتون جو تون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، ڌرتي سرتي، گيت اسان جا جيت اسان جي، ڪاري ڪڪر هيٺ، زندگي زندگي، ماندي ٿيءُ نه مارئي، ول ولو ۽ ووڪ، وغيره

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button