سکر

ڊاڪٽر تنوير عباسي هميشه ڏکايل انسانيت جي خدمت کي پنهنجو مقصد بڻايو، اديب رضوي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
ADEEB RIZVI CHEQQUE (640x368)ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ عظيم انسان هو جنهن هميشه ڏکايل انسانيت جي خدمت کي پنهنجو مقصد بڻايو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين پنهنجي جسم جا عضوا ڏکايل انسانيت لاءِ وقف ڪرڻ سان گڏو گڏ مالي طور تي به 60 لک روپيا ايس آءِ يو ٽي لاءِ ڏنا. اهڙن خيالن جو اظهار ڊائريڪٽر سنڌ انسٽيٽيوٽ يورولوجيڪل ٽرانسپلانٽ جناب ڊاڪٽر اديب رضوي ڪيو جنهن جيلاني ميڊيڪل سيد سينٽر سکر ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪيميڪل ليبارٽري جي افتتاحي تقريب جي دوران خطاب ڪندي.ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر نياز علي عباسي چيو ته اڄ جي دور ۾ سٺن ۽ نيڪ ماڻهن جي کوٽ آهي، ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي جهڙن شخصيتن برائين کي ڇڏي ڀلائي ۽ نيڪ ڪمن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ معاشري جو خاموش طبقو مايوسيءَ کي ڇڏي معاشرتي برائين جي خاتمي لاءِ نه فقط ڪردار ادا ڪرڻو پوندو پر عملي طور تي ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي پيغامن کي ڏکي انسانيت جي خدمت لاءِ عام ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته عظيم انسان ادارا ٺاهيندا آهن ۽ ادارا قوم ۽ معاشري جي عظيم انسانن کي سامهون آڻيندا آهن. هن دور ۾ هر ماڻهو ماديت پسند ٿي ويو آهي کيس ڪابه چڱائي ۽ ڀلائي نظر نٿي اچي سکر شهر جي تقريبن 70 لک آبادي ايتري ته بيوس ۽ بيهس ٿي چڪي آهي جو سندن ابا، ڏاڏا جن قبرستانن ۾ دفن ٿيل آهن انهن قبرستانن تي به قبضه مافيا پنهنجو قبضو قائم ڪري رهي آهي. جڏهن ته اسان سڀني کي علم آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن اسان کي مرڻو آهي ۽ قبر ۾ پنهنجا اعمال کڻي وينداسين. هن اديب، ليکڪن، دانشورن، شاعرن ۽ شعور رکندڙ صحافين کي عرض ڪيو ته هو اڳتي اچن ۽ هن ٻڏندڙ معاشري کي مرڻ کان بچائين ۽ نئين نسل کي آئيندي لاءِ تيار ڪن. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي نالي واري اديب سوڀوگيان چنداڻي چيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ڊاڪٽر اديب رضوي جهڙا عظيم ماڻهو قوم ۽ ملڪ لاءِ فرشتا آهن جن هميشه ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪئي ۽ جڏهن اهي ماڻهو ڪو ادارو ٺاهن ته ٻيا ماڻهو کين ڪنهن به قسم جي امداد ڏيڻ کان انڪار نٿا ڪري سگهن. لاڙڪاڻي ۾ جيڪڏهن اديب رضوي ايس آءِ يو ٽي وانگر ڪا اسپتال قائم ڪري ته مان ماڻهن کان خيرات وٺي به لاڙڪاڻي جي عوام جي خدمت ڪري سگهان ٿو. هن تقريب کي ڊاڪٽر تنوير عباسي مرحوم جي بيواه ڊاڪٽر قمر تنوير خطاب ڪندي چيو ته سندس مڙس ڊاڪٽر تنوير عباسي هميشه هيٺ ڪريل شين کي مٿي کڻي انهن کي بلندين تائين پهچائڻ جو هنر ڄاڻيندو هو هن مونکي اعتماد ۽ حق جي لاءِ جدوجهد ۽ آواز بلند ڪرڻ جو حوصلو ۽ همت ڏني ۽ اهوئي سبب آهي جو اڄ اسين سمورا فيملي ميمبر سندس اصولن تي هلندي ڪامياب زندگي گذاريون ٿا. جيڪڏهن منهنجي قبضي ڪيل ملڪيت مونکي واپس ڏياري وڃي ته مان اها سموري زمين ايس آءِ يو ٽي کي عطي طور ڏئي ڇڏيندس. تقريب کي رٽائرڊ جسٽس سيد علي اسلم جعفري عدل سومرو، اياز گل، هادي بٽ، خادم منڱي، محمد علي پٺاڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر شهزاد طاهر ٿهيم پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button