مختصر خبرون

بجلي ءِ تيل جي اگھن جي واڌ خلاف پيپلز يوٿ طرفان احتجاجي مظاھرو ڌرڻو

انڊس نيوز ڊاٽ نيڙ، شڪارپور
شڪارپور ۾ بجلي ءِ تيل جي اگھن جي واڌ خلاف پيپلز يوٿ طرفان احتجاجي مظاھرو ڌرڻو ، ٽائرن کي باھيون روڊ بلاڪ ، رپورٽ موجب ؛ گذريل ڏينھن شڪارپور ۾ پيپلز يوٿ ونگ جي اڳواڻن برڪت لاشاري ، بختيار علي شاھ ، منٺار علي سنجراڻي ، غلام عباس لاشاري ءِ ٻين جي اڳواڻي ۾ بجلي ءِ تيل جي ھٿرادو واڌ خلاف ڀيا ھائوس کان ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا رستم راڊ تي پھچي ڌرڻي جي صورت اختيار ڪري وئي جتي مڇريل سوين ڪارڪنن روڊ تي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تھ وفاقي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آھي ، روزانو تيل ءِ بجلي جا اگھ وڌائي ثابت ڪيو پيو وڃي تھ ھو عوامي دشمن پاليسن تي عمل ڪري رھيا آھن .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button