آرٽيڪل

منشيات ۽ هٿيارن جي ڄار ۾وڪوڙيل ڪراچي شهر!

ارم گل
Karachi Sea (640x320)صنعت ڪاري ۽ سيڙپڪاري جو شهر ڪراچي اڄ هٿيارن ۽ نشي وارين شين جي پاڇي ۾ اچي پنهنجي اصل سڃاڻپ کان محروم ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڪو وقت هوندو هو جڏهن پري پري کان ٻين شهرن جا ماڻهو خاص ڪراچي جون روشنيون ڏسڻ ايندا هئا پر هاڻي خوف ۽ نشي جي لت عام شهرين کي پنهنجي ڄار ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي.جنهن بابت آمريڪا جي مشهور مئگزين “فارين پاليسي” هڪ رپورٽ ۾ لکيو آهي ته ڪراچي دنيا جو وڏي ۾ وڏو خطرناڪ شهر آهي جيڪو دهشتگردي ڀتا خوري قبضا مافيا ۽ نشيوار شين جي ڄار ۾ وڪڙيل مجرمن ۽ ڏوهارين جي چنبي ۾ ڦاٿل شهر آهي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ڀارت جو شهر ممبئي به ڏوهن لاءِ بدنام آهي. جتي سال 2011ع ۾ 202 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته ڪراچي ۾ ساڳي سال 1723 ماڻهو ماريا ويا.رپورٽ ۾ اهو به واضع ڪيو ويو ته سياسي پارٽين جي سرپرستي هيٺ لينڊ مافيا نشيوار شين جي سپلاءِ هٿيارن جو واپار ڪندڙ گروهه ڪراچي اندر ڇرواڳ ڇڏيل آهن شهر جي بندرگاهن کي منشيات ۽ هٿيارن جي سمگلنگ لاءِ کلي عام استعمال ڪيو وڃي ٿو.
ڪراچي ۾ ڏوهن جي شروعات 60 واري ڏهاڪي ۾ ننڍين وڏين هيراڦيرين ڪندڙ ٻن ڀائرن شير محمد عرف شيرو، داد محمد عرف دادل کان ٿي جن جو ان زماني جي مشهور ڏوهاري ڪالا لانگ سان واسطو ٿيو. 80 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن افغانستان ۾ ڪميونسٽن خلاف جهادي جنگ جو طبل وڳو ۽ رياست جي عسڪري قوتن هٿيارن ۽ نشيوار شين جي ڌنڌي کي هٿي وٺرائي ساڳي ئي ڏهاڪي ۾ ضيا جي آمريت ڪراچي اندر ايم ڪيو ايم ۽ ٻين مافيائن مٿان هٿ رکڻ شروع ڪيو ۽ اهڙي ريت ڪراچي ۾ ڪيترن ئي ڏوهاري گروپن پنهنجون پاڙون پختيون ڪيون جن ۾ بابو ڊڪيت گروپ قبرستان گروپ بادشاهه خان گروپ اهم هئا.تنهن وقت جي حڪومت جي ناڪامي جا ڪيترائي سياسي ۽ ٽيڪنيڪي سبب هئا هڪ محتاط اندازي مطابق انهي سپلاءِ جو هڪ ڀاڱي حصو عسڪري قوتن پوليس ۽ مافيائن جي مدد سان رستي ۾ ئي ڦريو ويندو هو اڄ اها امن ڪميٽي هجي يا رابطه ڪميٽي ٻنهي وٽ آمريڪي ۽ يورپي جديد رابطي جا اوزار ۽ هٿيار آهن.
ڪراچي ۾ ڏوهن جي اضافي بعد شهرين ۾خوف جي لهر سندن نفسيات تي به گهرا اثر وڌا. جيئن روزمره جي فائرنگ ،ڀتو ،زمين تي قبضا، چوري ڦرون،اغوا، شراب خانا،جوا وغيره تنهن کانسواءِ نشي وارين شين ۾ سگريٽ، شراب ،ڪوڪنگ،چرس، الڪوحل، ڀنگ، گٽڪا،مين پڙي،ڪچي شراب ،شيشو يا حقو ،هيروئن آفيم، گانجا،گردا،ترياگ، اسپريڊ ،صمد بونڊ ۽ ٻيون به ڪيترون ئي نشي واريو شيون پاڪستان جي گهڻائي آبادي استعمال ڪري پنهنجون زندگيون تباهه ڪري رهي آهي .پاڪستان ۾ هڪ طرف هٿيارن جي ذريعي انساني زندگيون ضايع ٿي رهيون آهن ته ٻي طرف منشيات جو ڪاروبار به آهستي آهستي انساني زندگين جو انت آڻي رهيو آهي.
نشو هڪ ذهني بيماري آهي جنهن تي وقتي طور قابو پائڻ تمام مشڪل آهي جنهن جا ڪافي ناڪاري اثرآهن نشوواپرائيندڙ شخص سماجي رشتن سان لاڳاپيل ماڻهن سان ذهني هم آهنگي کان ٻاهر نڪري پنهنجي رويي ۾ هاڃيڪار شيون پيدا ڪري ٿو .جديد تحقيق موجب نشي جي عادت ذهن جي ڪيترين ئي بيمارين کي جنم ڏئي ٿي جڏهن ته ماڻهن جي شخصيت ۾ اهڙيون تبديليون پيدا ٿين ٿيون جن سان روين ۾ ايب نارمل شيون محسوس ٿينديون آهن .مثال طور؛ نشو استعمال ڪندڙ شخص هميشه سوچن ۽ خيالن ۾ گم رهندا آهن ۽ گهڻي قدر احساس ڪمتري جو شڪار بڻجي مايوسي ۾ مبتلا ٿي سماجي ڏوهن ۾ اضافو ڪندا آهن.جيئن نشي ۾ گار گند،مارڪٽ،قتل،نشي جي سپلاءِ، وغيره. اڄڪلهه نشي ۾ جدت جي سبب ذهن کي آئيسوليٽ ڪري ڏوهه پڻ ڪرايا وڃن ٿا.اينٽي نارڪوٽڪس 2013ع جي رپورٽ مطابق پاڪستان جي 6.4 ملين آبادي جن جي عمر 15 کان 54 سال آهي اهي نشو استعمال ڪن ٿا جڏهن ته 4.1 ملين ماڻهو نشيوار شين جو وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث آهن
پاڪستان ۾ 3.6 سيڪڙو نوجوان ڪنابسس منشيات جو استعمال ڪن ٿا جڏهن ته گهڻا ماڻهو هيروئن استعمال ڪن ٿا .Opium ,opiates 4 ملين آبادي
ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ عورتون ذهني تسڪين لاءِ نشيوار گوريون پڻ استعمال ڪن ٿيون.
نشي جو وڪرو صرف پاڪستان ۾ نه پر پوري دنيا ۾ وڏي پيماني تي ٿي رهيو آهي جڏهن ته ايشيا ۾ بنگلاديش نيپال انڊيا مالديپ جي ڀيٽ ۾ پاڪستان اول نمبر تي آهي.افغانستان جتي ڀنگ جي پوکي ڪري پوري دنيا ۾ سپلاءِ ڪئي ويندي آهي اتي 1980ع ۾ پاڪستان مان هيروئن سپلاءَ جو سلسلو شروع ٿيو جٿي اڄ هيروئن سپلاءِ جون وڏيون وڏيون مارڪيٽون موجود آهن ان جو مکيه سبب هيروئن جو گهريلو يعني عام استعمال آهي.عام ماڻهو نشي کي شدت سان استعمال ڪرڻ لڳو. موٽ ۾ نقصان يا اثرن بابت ڪا معلومات نه هجڻ سبب ان جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو.هڪ محتاط ڪاٿي مطابق پاڪستان ۾ 50 ٽن هيروئن سمگلنگ ٿئي ٿي جڏهن ته 80 سيڪڙو هيروئن پاڙيسري ملڪن مان اچي ٿي.
نشي کي استعمال ڪرڻ جا ڪجهه مکيه سبب ذهني دٻاءُ ، سماجي دٻاءُ ، پريشانيون ، غير يقيني غير اعتماد ،ناڪامي جو خوف ، بري صحبت سماجي اڻ برابري ،شوق، کانسواءِ ڪيترائي سماجي رويا آهن جن کي منهن نه ڏيڻ جي نتيجي ۾ ماڻهو نشي ڏانهن راغب ٿين ٿا. جيئن بيروزگار نوجوانن جي نشو ضرورت بڻجي چڪو آهي.حڪومت پاران منشيات جي روڪٿام لاءِ ڪنهن به قسم جو لائحه عمل نظر نٿو اچي نتيجي ۾ اڄ به ملڪ ۾ افغانستان مان غير قانوني منشيات جي سمگلنگ ٿي رهي آهي ،غربت، رشوت ، ۽ بيروزگاري جي سبب اڄ به نوجوان نشو واپرائي گهٽين ۽ ڪلبن جي رونق بڻجي رهيا آهن .نارڪوٽڪس کاتو ڇا پيو ڪري ان بابت حڪومت کي ڄڻ ته ڪا خبر ئي ناهي. جڏهن ته ملڪ ۾ نشو پنهنجون پاڙون پختيون ڪري چڪو آهي .نشي کي سماج ۾ عام ڪرڻ جو اهم سبب جهالت به آهي ڇاڪاڻ ته غلط صحبت سبب نشي کي استعمال ڪرڻ جو تجسس پيدا ٿيو ۽ گهر ۾ ويٺل بي خبر والدين اسڪول ويندڙ ٻار ڪهڙيون عادتون واپرائي ٿو کين ڪا خبر ناهي نتيجي ۾ ٻار سگريٽ مين پڙي ٽيسٽي مان نشي جو استعمال شروع ڪري ٿو جنهن جو آخر شراب هيروئن ۽ چرس آهي.
نشو سماج جو اهو مسئلو آهي جيڪو ماڻهن جي زندگيءِ کي اڏوهي وانگر ڳاري ٿو ۽ الائي ڪيتريون زندگيون ان جي ور چڙهي پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون آهن پر اسان جي رياست انساني زندگين جو ايترو وڏو نقصان خاموشي سان برداشت ڪري رهي آهي ۽ عوام پڻ اهو تماشو ڏسي رهي آهي .
اينٽي نارڪوٽڪس کاتو ڄڻ ته منشيات کي روڪڻ لاءِ سنجيده نظر نٿو اچي.پر جيڪڏهن هوءَ پنهنجي پاليسين ۾ تبديلي آڻي ۽آرمي جهڙي فورس تيار ڪري ته نشي جو خاتمو ممڪن آهي ان کان علاوه سمگلنگ ڪندڙ رستن جي شهر اندر رسائي تي پابندي لڳائي وڃي ، پوليس ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي ،قانون اهڙا ٺاهجن جن تي عمل سان گڏوگڏ احتساب به ٿيڻ گهرجي .ڏوهن ۾ تيستائين ڪمي نه ايندي جيستائين وڏين مڇين کي نه پڪڙيو ويندو. گورنمينٽ جيڪا عوام جي بنيادي حقن جي پاسداري ڪرڻ جي ذميوار آهي کيس فوري طور تي نشي جي عام استعمال کي روڪڻ لاءَ آگاهي پروگرام شروع ڪرڻ گهرجن،نوجوانن کي مصروف رکڻ لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ پورگرام شروع ڪرڻ گهرجن،کين بهترين ماحول فراهم ڪيو وڃي ،نوجوان تعليمي ادارن جي نصاب ۾ به نشي جي آگاهي بابت سبق پڙهايا وڃن،ميڊيا تي به آگاهي بابت روزانه پروگرام نشر ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته ميڊيا اڄڪلهه سماج ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ان سان ماڻهن تائين وڌ کان وڌ رسائي ڪري سگهجي ٿي .ان کانسواءِ موبائل ڪمپنين ۽ انٽرنيٽ تي مفت ميسيج موڪليا وڃن ته جيئن انهن ماڻهن تائين رسائي ممڪن ٿي سگهي جيڪي ٽي وي جي سهولت کام محروم آهن.
جيڪڏهن رياست ۽ عوام سچائي سان نشي مان ڇٽڪاري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ان کان وڌيڪ رستا موجود آهن.اسان کي صرف اهي رويا ختم ڪرڻ گهرجي جيڪي صرف نوڪري ڪرڻ ۽ پئسا ڪمائڻ تائين محدود هجن .اسان سڀني کي گڏجي متحرڪ ٿي هڪ ٻئي کي همٿائڻو پوندو ته جيئن اسان صرف پاڻ لاءِ نه بلڪي ايندڙ نسلن لاءِ به ڪا بهتر زندگي يا بهتر مثال قائم ڪري سگهون .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button