تعليم ۽ نئين ٽھي

مهراڻ يونيورسٽي نئين سال 2014ع جي جوڙيل داخلا پاليسي خلاف جساف جو مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
JSSF students protesting aginst Mehran University (640x288)مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ نئين سال 2014ع جي جوڙيل داخلا پاليسي خلاف جساف مرڪز جي سڏ تي سنڌ، مهراڻ يونيورسٽين جي شاگردن سنڌيونيورسٽي کان ريلي ڪڍي نعريبازي ڪندي مختلف ڊپارٽمينٽن جو گشت ڪندي ريلي ڄامشورو شهر پهتي جتي ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو جنهن سبب وڏي تعداد ۾ گاڏيون بيهي ويون ،ان دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن پاران زبردستي ڌرڻي واري هنڌ تان گاڏيون گذارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تان ڪارڪنن ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون ٿيون. جنهن بعد پوليس پهچي اهلڪارن کي پوئتي هٽائي ڇڪتاڻ تي ضابطو آندو، ڌرڻي کي جساف بشير خان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري صفدر علي تنيو، پريس سيڪٽري سهيل ڀٽو، روشن چانڊيو، فهد ڀٽو، امتياز ڌراڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مهراڻ يونورسٽي ڄامشورو جي انتظاميه نئين سال 2014 ع جي داخلا پاليسي لساني بنيادن تي جوڙي آهي جنهن کي واپس وٺي نئين پاليس ي جوڙي وڃي، هنن چيو ته حيدرآباد جي لاءِ 85 سيٽن مان 73 سيٽون لطيف آباد لاءِ رکيون وين آهن جڏهن ته 14 سيٽون باقي سموري ضلعي لاءِ مقرر ڪيون آهن جڏهن ته سانگهڙ جي شهري آبادي لاءِ 85 سيٽون ۽ ٻهراڙي لاءِ 10 سيٽون رکيون ويون آهن سنڌي شاگردن جي اثر وارن علائقن لاءِ ڏهه، ڏهه سيٽون رکڻ سنڌ دشمن ۽ شاگرد دشمن عمل آهي اسين هن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ٿا ڪيون ته اهڙي پاليسي کي رد ڪري نئين شاگرد دوست پاليسي جوڙي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ سان گڏ انٽري ٽيسٽ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو حق رکون ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button