ٽنڊو محمد خان

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن مهراڻ يونيورسٽي جي 2014 جي داخلا پاليسي رد ڪري ڇڏي، احتجاج جو اعلان

انڊس نيوز ڊات نيٽ، ٽنڊومحمدخان
JSSF AHTJAJ TMK (640x330)جساف جي مرڪزي سڏ تي مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ لساني بنيادن تي ٺاهيل داخلا پاليسي 2014 خلاف جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ٽنڊومحمدخان پاران جساف صدر جواد سومرو ، جنرل سيڪريٽري فهيم ڀٽي ، صوفي حامد، اڪبر هاليپوٽو، عنايت ڪنڀار ، ظهور هاليپوٽو ، جاويدهاليپوٽو ، نادر ڪولاچي، ساحل لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊگري ڪاليج کان ريلي ڪڍي ڦليلي پل تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو پاران 2014 جي داخلا پاليسي لساني بنيادن تحت ٺاهي ويئي آهي جنهن جي اسان مذمت ڪندي انهي پاليسي کي رد ڪريون ٿا، انهن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي انتظاميه ڪراچي وانگر سنڌ هي ٻهراڙي وارن علائقن جي داخلا ۾ ڪوٽا گهٽائي سنڌي شاگردن جي تعليم کان پري رکڻ جي سازش ڪري رهي آهي، هنن مهراڻ يونيورسٽي انتظاميه کي چتاءُ ڏيندي چيو ته سنڌ دشمن داخلا پاليسي فورن ختم ڪري سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن کي ڪوٽا وڌائي وڃي نه اسان پنهنجي احتجاج جو دائرو وسيع ڪندي وائيس چانسلر جو گهيراءُ ڪنداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button