مختصر خبرون

هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ قائم 5 ڪاٽن فيڪٽريز مالڪن هڪ هٽي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ قائم 5 ڪاٽن فيڪٽريز مالڪن هڪ هٽي قائم ڪندي ڦٽين جو اگهه هڪ ڀيرو ٻيهر 7 سئو روپيه في مڻ تي ڪيرائي ڇڏيو آهي، آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو
تفصيل موجب هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ قائم 5 ڪاٽن فيڪٽريز جي مالڪن ڳجهي گڏجاڻي ڪري ڦٽين جو اگهه في مڻ تي 7 سئو روپيه ڪيرائي ڇڏيو آهي. ڦٽي جيڪا ٻين ڪاٽن فيڪٽرين ۾ 36 سئو روپيه تائين آبادگارن کان خريد ڪئي پئي وڃي پر هتان جي ڪاٽن فيڪٽريز ۾ في مڻ 28 کان 29 سئو تائين آبادگارن کي ڦٽي جو اگهه ڏنو وڃي ٿو. اهڙي عمل جي خلاف سنڌ آبادگار اتحاد جي ڪانڊيرو خان، خدابخش، دين محمد، ممتاز سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي . اڳواڻن چيو ته فيڪٽري مالڪن هڪ هٽي قائم ڪري ڦٽين جا اگهه ڪيرائي ڇڏيا آهن جنهن سان آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان رسائي رهيا آهن ۽ مطالبو ڪيو ته آبادگارن کي مقررصحيح اگهه 36 سئو روپيه ڏنو وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button