زراعتصحت ۽ زندگي

ھنڱورجا: ڪاٽن فيڪٽرين جي زهريلي دزي ماڻهن جي لاءِ عذاب بڻجي وئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
Cottonخيرپور ضلعي ۾ 70کان وڌيڪ ڪاٽن فيڪٽريون شهري آبادي جي وچ ۾ قائم هجڻ ڪري زهريلي دزي ماڻهن جي لاءِ عذاب بڻجي وئي. فيڪٽري مالڪن چند ٽڪا بچائڻ جي لاءِ فلٽر پلانٽ لڳائڻ کان لاچار، ضلعي انتظاميه ڪوبه نوٽيس نه ورتو، دزي سبب شهري دم ، ٽي بي، کنگهه سميت خطرناڪ بيمارين ۾ وٺجي ويا. فيڪٽري مالڪن ڦٽين جا اگهه هڪ ئي ڌڪ سان 5 سئو روپيه گهٽائي آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا، آبادگارن تنظيمن پاران ڊي سي آفيس جي آڏو فيڪٽرين جي ڏاڍائين جي خلاف ڌرڻو هڻڻ جو اعلان
تفصيل موجب خيرپور ضلعي جي 8 تعلقن صوڀوديرو، گمبٽ ، نارو، ٺري ميرواهه ، فيض گنج، خيرپور، پير ڳوٺ ڪوٽڏيجي تعلقن جي هنڱورجا ، چونڊڪو ، رسول آباد، ٺري ميرواهه، سئي گئس ، سيٺارجا، ڪنب، اڪري ، ڪنگري، گمبٽ، ڊرٻ ميهڙ شاهه سميت ٻين شهرن ۾ قائم 70 کان وڌيڪ ڪاٽن فيڪٽريون جيڪي شهري آبادي جي وچ ۾ يا ان جي ڀرسان قائم آهن جن ۾ فضا ۾ اٿندڙ دز جي خاتمي جي لاءِ ڪوبه فلٽر پلانٽ لڳل نه هجڻ جي ڪري فيڪٽري مان نڪرندڙ دزي انساني جانين جي لاءِ انتهائي خطرناڪ هجڻ جي ڪري ڪيترائي ماڻهو دم ، ٽي بي، کنگهه ، زڪام ، ڦڦڙن جي بيمارين ، اکين جي بيمارين سميت ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ ان کان سواءِ ماحول جي آلودگي ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي پر ان جي باوجود ضلعي انتظاميه توڙي ماحول جي آلودگي جي خاتمي جي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا خاموش ۽ تماشائي بڻيل آهن. خيرپور ضلعي جي اڪثر فيڪٽرين جي مالڪن چند ٽڪا بچائڻ جي لاءِ پنهنجي فيڪٽرين ۾ فلٽر پلانٽ ناهن هڻايا، جڏهن ته فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ مزدور پڻ مزڪورا خطرناڪ بيمارين ۾ ورتل آهن. هڪ طرف انساني جانين سان کيڏندڙ فيڪٽري مالڪن فلٽر پلانٽ نه هڻائي اهي ڏوڪڙ بچائي رهيا آهن ته ٻئي طرف وري اوچتو ڦٽين جي في مڻ تي 5 سئو روپيه گهٽائي آبادگارن جي ڦر لٽ شروع ڪري ڏني آهي. ڦٽين جو اگهه جيڪو 34 سئو کان 36 سئو تائين هيو اهيو اگهه فيڪٽري مالڪن پاڻ ۾ ملي ڪري في مڻ تي 5 سئو روپيهه اگهه گهٽائي ڇڏيو آهي هاڻي آبادگارن کان 28 کان 29 سئو تائين في مڻ ڦٽي خريد ڪئي وڃي ٿي جنهن سان آبادگارن کي في مڻ ڦٽي تي 5 سئو کان 6 سئو روپيه گهٽ ملڻ سان ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي پري ضلعي انتظاميه ، زراعت کاتو توڙي مارڪيٽ ڪاميٽي جا عملدار به ڪارخانيدارن سان ملي ويا آهن. جڏهن ته بار بار احتجاج ڪرڻ جي باوجود آبادگارن جي دانهن ۽ ڪوڪن تي ڪير به ڌيان نٿو ڏيئي .هن ڏس ۾ سنڌ آبادگارن اتحاد ضلعي خيرپور جي اڳواڻن نظر حسين لاڙڪ، ڪامريڊ ڪانڊيرو خان سهتو، ڪامريڊ خدابخش سهتو، لونگ خان حطار، منظور حسين منڱڻيجو، حاجي چانگ، دين محمد چانگ ۽ ٻين هتي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو آهي ته فيڪٽري مالڪن هڪ هٽي قائم ڪندي ڦٽين جو اگهه 5 سئو روپيه في مڻ تي گهٽائي ڇڏيو آهي . جڏهن ته ڪارخانن ۾ فلٽر پلانٽ نه هجڻ جي ڪري ۽ ڪارخانا وچ شهر ۾ هجڻ جي ڪري ڪيترائي ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جيڪڏهن ڦٽين جو اگهه 35 سئو تائين نه ڪيو ويو ۽ ڪارخانن ۾ دزي کان بچاءُ لاءِ فلٽر پلانٽ نه لڳايا ويا ته ڊي سي خيرپور جي آفيس جي آڏو 26 آڪٽوبر تي ڌڻو هنيو ويندو. هنن وزيراعلي سنڌ ، صوبائي وزير زراعت، ڪمشنر سکر کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button