ڀوري ڀيل جي لاش جي بي حرمتي سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلچر جي بي حرمتي آهي،هاشم کوسو
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو.
پنگريو ۾ ڀورو ڀيل جي لاش جي تذليل ڪرڻ خلاف سنڌ پروگريسو ڪاميٽي طرفان مورو ۾ ڪامريڊ هاشم کوسو، يونس راهو، منظور خاصخيلي، امير علي لغاري، خالد ٻگهيو ۽ بين جي اڳواڻي ۾ ٻاهرين بس اسٽينڊ کان احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي مورو ميڊيا آفيس اڳيان پهتي جتي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي جنرل سيڪريٽري هاشم کوسي چيو ته ڀوري ڀيل جي لاش جي بي حرمتي سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلچر جي بي حرمتي آهي جن ماڻهن اهو عمل ڪيو آهي اهي سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلچر کان واقف ناهن، جن جي پويان نام نهاد رياستي ادارا آهن جيڪي مذهب جي بنياد تي سنڌ جي قومي ٻڌيءَ کي ڇيهو رسائڻ چاهين ٿا سنڌ جا ماڻهو هوش مند آهن اهي انهن سازشن کي سمجهن ٿا ۽ اهي قومي ٻڌيءَ کي برقرار رکندي انهن جو مقابلو ڪندا. عوامي ورڪرس پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ يونس راهو چيو ته اهي مذهبي بنياد پرست عالمي قوتن جي اشاري تي هن خطي ۾ عوام کي ويڙهائي عوام جو استحصال جاري رکڻ چاهين هن خطي جو عوام پاڻ ۾ ٻڌي ڪري ڏيهي ۽ پرڏيهي قوتن کي شڪست ڏيندا، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري رزاق مستوئي چيو ته سنڌ جو اديب دانشور سياسي سماجي اڳواڻ هن واقعي جي خلاف گڏجي بنياد پرستي سوچ جي خلاف مزاحمت جو بند ٻڌي انهن قوتن کي روڪينداسين، جيئي سنڌ محاذ جي منظور خاصخيلي، عوامي ورڪرس پارٽي جي امير علي لغاري، وطن دوست انقلابي پارٽي جي خالد ٻگهيو، درياءَ خال کوسو، انيس خاخيلي، حڪيم لغاري ۽ ٻين چيو ته پنگريو واقعو سنڌ جي سيڪيولر مذاج تي حملو آهي اسان ان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته واقعي جي ذميوارن کي گرفتار ڪري قانون مطابق سزا ڏني وڃي