هنڱورجا: ٽي ايم اي جي نااهلي شهر جو ڊرينيج سسٽم تباهه
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
هنڱورجا ۾ ٽي ايم اي جي نااهلي شهر جو ڊرينيج سسٽم تباهه ، گل شاهه غازي محلو ۽ غريب آباد محلو گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو، شهرين جو ٽي ايم او خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو
تفصيل موجب هنڱورجا ۾ تعلقه ميونسپل ايڊمنسٽريشن صوڀوديرو جي نااهلي جي ڪري شهر جو ڊرينيج سسٽم مڪمل طور تي ناڪارا ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري شهر جا ٻه محلا غريب آباد ۽ گل شاهه غازي محلو مڪمل طور تي گندي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري پاڻي گهٽين ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي ناليون ابتيون وهڻ لڳيون آهن. جنهن جي ڪري محلن ۾ گندو پاڻي گهٽين ۾ بيهجي ويو آهي بدبوءِ پاڻي جي ڪري مختلف وبائي بيماري ۾ منهن ڪڍيو آهي . هوڏانهن مزڪورا محلن جي رهواسين مشتاق شيخ، رضا محمد منگي، حبيب سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. اڳواڻن چيو ته ٽي ايم او جي نااهلي جي ڪري شهر ۾ ڊرينيج سسٽم ناڪارا ٿي ويو آهي ۽ گندگي وڌي وئي آهي عيد ويجهو اچڻ باوجود شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي. جيڪڏهن ڊرينيج سسٽم درست ڪرائي صفائي نه ڪرائي وئي ته عيد جي ڏينهن ٽي ايم او صوڀوديرو جي خلاف ڌرڻو هنيو ويندو.