مورو

مورو: سياستدان عيد ملھائڻ لاءِ پنھنجن بنگلن تي پھتل

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
Moro's politicians (640x442)مورو جا ڪهڙا ڪهڙا سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ عيدالاضحىٰ ڪٿي ڪٿي ملهائيندا، عيد جي خوشين ۾ ماڻهن سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ سڀ پنهنجن پنهنجن بنگلن تي پهتل آهن ۽ عيد جا ٽئي ڏهاڙا سياستدان ماڻهن سان عيد ملندا ۽ عيد جون مبارڪون وصول ڪندا ۽ غريب ماڻهن جا ڏک سور ٻڌندا، جڏهن ته ان سلسلي ۾ جمالي هائوس، جتوئي هائوس، بهڻ هائوس ۽ سيد هائوس سينگاريا ويا آهن ۽ عيد جي خوشيءَ ۾ ماڻهن کي عيد جون مٺايون کارائڻ لاءِ سوين مڻ مٺايون ۽ بوتلون گهرائي پنهنجن بنگلن تي رکرائي ڇڏيون آهن. بنگلن کي رنگين مرچن ۽ بلبن سان سينگاريو ويو آهي.جڏهن ته عيد گاھ وارن هنڌن تي صفائي جو نطام اڻ پورو آهي، ۽ عيد نماز وارن هنڌن تي پوليس کي الرٽ ڪيو ويو آهي.
انهي سلسلي ۾ پ پ مرڪزي رهنما ۽ مورو جو مشهور سياسي سماجي شخصيت ۽ بزرگ سياستدان رئيس خان محمد جمالي عيد ڪراچي ۾ ڪندو ۽ عيد نماز ڪراچي عيد گاھ ۾ ادا ڪندو، جڏهن ته مشهور صنعتڪار مُبين خان جماڻي ۽ جاويد جماڻي جي چوڻ مطابق ته وفاقي وزير صنعت رئيس غلام مرتضى خان جتوئي عيد نوان جتوئي ۾ ادا ڪندو جتوئي هائوس تي ڪندو ۽ عيد نماز نونا جتوئي جي عيد گاھ ۾ پڙهندو، سندس ڀاءُ ايم پي اي مسرور احمد خان جتوئي عيد ڪينڊا ۾ ڪندو ۽ ايم پي اي رئيس عاقب خان عرف غلام رسول خان جتوئي عيد نوان جتوئي ۾ ڪندو ۽ نماز نوان جتوئي عيد گاھ ۾ پڙهندو، جڏهن ته پ پ ضلعي نوشهروفيروز جو جنرل سيڪريٽري رئيس ذوالفقار خان بهڻ عيد مورو ڀرسان ابائي ڳوٺ ڌيرڻ ۾ ڪندو ۽ عيد نماز پڻ بزرگ سياستدان حاجي رحمت الله خان بهڻ رئيس قربان خان بهڻ سان گڏجي ڌيرڻ جي عيد گاھ ۾ ادا ڪندو، جڏهن ته پ پ جو مرڪزي رهنام رئيس ممتاز خان جمالي عيد مورو ڀرسان ابائي ڳوٺ اشرف آباد ۾ عيد ڪندو ۽ نماز ڳوٺ جي عيد گاھ ۾ پڙهندو، جڏهن ته رئيس خان محمد خان جمالي جو ننڍو ڀاءُ ۽ پ پ رهنما رئيس مظفر خان جمالي عيد مورو ڀرسان ابائي ڳوٺ غلام محمد جمالي ۾ عيد ڪندو ۽ پڻ عيد نماز پنهنجن ڀائرن مٽن مائٽن دوستن احبابن ۽ آسپاس جي غريب ماڻهن سان گڏجي ڳوٺ جي عيد گاھ ۾ عيد پڙهندو، پ پ جو مرڪزي رهنما ۽ مورو جي نوجوانن جي دل ڌڙڪن رئيس فيروز خان جمالي عيد مورو ۾ جمالي هائوس ۾ ڪندو ۽ عيد نماز مورو جي اڪبري عيد گاھ ۾ ادا ڪندو جتي نماز بعد عيد گاھ ۾ ماڻهن سان عيد ملندو، انهي کان علاوه مورو جي سيد خاندان جي معزز اڳواڻ سيد شبير علي شاھ عيد مورو ۾ ملهائندو ۽ عيد جي نماز مرڪزي امام بارگاھ ۾ ادا ڪرڻ بعد ماڻهن سان عيد ملندو، جڏهن ته مورو جي سياسي سماجي رهنما سيد ڪاظم علي شاھ جيڪو زيارتن لاءِ ايران ويل آهي جيڪو عيد به ڪربلا مولا ۾ ادا ڪندو جڏهن ته وفاقي وزير غلام مرتضى خان جتوئي جو پٽ ۽ نوجوان اين پي پي رهنما رئيس راضي خان جتوئي عيد پنهنجي اباڻي ڳوٺ نوان جتوئي ۾ ادا عيد ڪندو ۽ عيد نماز نوان جتوئي جي عيد گاھ ۾ ادا ڪندو جڏهن ته عيد نماز کانپوءِ مٿيان سڀي سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ ٽي ڏينهن پنهنجن بنگلن تي اينڊر معزز ماڻهن سان عيد جون مبارڪون وٺندا ۽ کين عيد مبارڪون ڏيندا ۽ غريب ماڻهن جا ڏک سور معلوم ڪندا.جڏهن ته عيد نماز ادا ڪرڻ واريون موري جون عيد گاهون مسجدون ۽ امام بارگاھ سينگاريون ويون آهن. جڏهن ته عيد جي موقعي تي ميونسپل ڪاميٽي پاران صفائي جو نظام اڻپورو ٿيل آهي جنهن جي ڪري عيد نماز پڙهندڙن کي نماز پڙهڻ دوران سخت مشڪلات کي مُنهن ڏسڻو پوندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button