قائم علي شاهه جي تبديلي جا مطالبا ڪندڙن جو خواب پورو نه ٿيندو، جاويد شاهه جيلاني
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد جاويد شاهه جيلاني چيو آهي ته وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه جي تبديلي جا مطالبا ڪندڙن جو خواب پورو نه ٿيندو. فنڪشنل ليگ اهڙا اجايا پئي ڪري، وزيراعلي جي سربراهي ۾ ڪراچي آپريشن جا مثبت نتيجا نڪتا آهن. ۽ ڪراچي ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ امن آهي. ڪارڪن بلدياتي چونڊن جي تياري ڪن ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ پ پ جا اميدوار ڪاميابي ماڻيندا. وفاقي حڪومت مهانگائي جو عوام جي مٿان بم ڪيرايو آهي. هنڱورجا ۾ صحافي فياض سولنگي سان تعزيت ڪرڻ کان پوءِ ڳوٺ بنگل خان چانگ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد جاويد شاه جيلاني چيو ته سنڌ ۾ بدامني جي خاتمي جي لاءِ حڪومت ڪوششون وٺي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو جي تقرير ٻڌي ڪيترن ئي سياسي پنڊتن جا شرڪ نڪري ويا آهن . بلاول جي تقرير حقيقت تي ٻڌل هئي. ڀٽي خاندان ملڪ ۽ قوم جي لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن اهي ڪنهن کان به نه وسرنديون . بلاول ڀٽي سياست ۾ بهترين آغاز ڪيو آهي. موجودهه وفاقي حڪومت جنرل مشرف جي دور واري حڪومت کان وڌيڪ ڪمزور آهي.هن چيو ته خيرپور ضلعي ۾ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ اسان جا هر وقت دروزا کليل آهن. 11 مئي ته چونڊن ۾ منهنجي تڪ ۾ رڪارڊ ڌانڌليون ڪري مون کي هارايو ويو. پر مون کٽيو آهي هارايو ناهي. ڇو ته تڪ جو عوام اڄ به مون سان گڏ آهي ۽ مان انهن جي وچ ۾ آهيان. هن سان گڏ پ پ اڳواڻ الهورايو چنو، پرويز سهتو، رسول بخش ڀٽو ۽ ٻيا گڏ هيا.