صحت ۽ زندگي

ضلعي خيرپور ۾ ڇتن ڪتن جو آزار

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
SONY DSCخيرپور ضلعي ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو ضلعي جي مڙني شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رولو ڪتن چوڪن ۽ چوراهن تي پنهنجا ديرا ڄمائي ڇڏيا، جنهن ڪري ماڻهن کي ڪتن پاران ڏاڙهڻ يا زخمي ڪرڻ جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. ڪيترائي ڪتن جا ڏاڙهيل زخمي اسپتالن ۾ داخل . ڪتن جي ڏاڙهڻ وران واقعن کان پوءِ اي ڊي او صحت پاران ضلعي جي مڙني رورل هيلٿ سينٽرن ۾ ويڪسيئن جا سينٽر مقرر ڪري ڇڏيا. هنڱورجا ۾ ٻن ڏينهن اندر 10 ڄڻن کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. اي ڊي او هيلٿ هنڱورجا پهچي ويو. ويڪسيئن جي ڪابه کوٽ ناهي اي ڊي او هيلٿ جو ڳالهيون، سياسي سماجي تنظيمن پاران ڊي سي کان ڪتا مار مهم جو مطالبو،
رپورٽ موجب خيرپور ضلعي جي 8 ئي تعلقن صوڀوديرو، ٺري ميرواهه ، خيرپور، ڪوٽڏيجي، گمبٽ، فيض گنج، پير ڳوٺ، نارو تعلقن جي مڙني ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي ۽ ڪتا ٽولن جي صورت ۾ چوڪن چوراهن ، گهٽين ، مڇي ، گوشت مارڪيٽن ۾ پنهنجا ديرا ڄما ويٺا آهن جيڪي شهرن ۽ ڳوٺاڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏين ٿا. جڏهن ته خيرپور ضلعي ۾ گذريل 10 سالن کان رولو ڪتا مار مهم شروع نه ٿيڻ جي ڪري رولو ڪتن جي تعداد ۾ ڏهوڻ تي اضافو ٿي ويو آهي جيڪي هاڻي شهرن جي وڏي مصيبت بڻجي ويا آهن. جڏهن ته ڪيترن ئي والدين پنهنجن ٻارڙن کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏي آهي. رولو ڪتا جيڪي رات توڙي ڏينهن شهر جي گهٽين ۽ چوراهن تي هجڻ ڪري پاڻ ۾ وڙهن ٿا ته ان علائقي جي ماڻهن جو سڪوب پڻ ڦٽي وڃي ٿو. صرف هنڱورجا ۾ ٻن ڏينهن جي اندر ڇتن ڪتن 10 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو آهي جن کي هنڱورجا جي اسپتال داخل ڪرايو ويو . اهڙي واقعي جي اطلاع تي اي ڊي او صحت خيرپور ڊاڪٽر بشير احمد جماڻي هنڱورجا پهتو ۽ ڪتن جي ڏاڙهيل زخمين کي پنهنجي نگراني ۾ ويڪسيئن ڪرائي . ان موقعي تي ڊاڪٽر بشير احمد جماڻي جو چوڻ هيو ته خيرپور ضلعي ۾ ويڪسيئن جي ڪابه کوٽ ناهي جڏهن ته ويڪسيئن لاءِ صرف خيرپور کي هيڊ ڪوارٽر بڻايو ويو هيو جنهن سان ماڻهن کي ڏکيائي پيش اچي رهي هئي ان ڪري هاڻي پهرين آڪٽوبر کان ضلعي جي مڙني رورل هيلٿ سينٽرن تي ويڪسيئن موجود هوندي. جتي علائقي جا ماڻهو آساني سان ڇتي ڪتي کان بچاءُ واري ويڪسيئن ڪرائي سگهندا. هن ٻڌايو ته ضلعي جي سڀني تعلقن جي ٽي ايم اوز کي ڪتا مار مهم هلائڻ جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا چيو آهي پر اهي تعاون نٿا ڪن. ڊي سي خيرپور کي ڪتا مار مهم شروع ڪرائڻ جي لاءِ آگاهه ڪيو آهي. هن چيو ته ڊيوٽي چور ملازمن خلاف ڪاروائي ٿيندي ۽ غفلت ڪندڙن کي ڪنهن به ريت برداشت نه ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button