شڪارپور

شڪارپور: قرباني جا جانور وٺڻ بدران ھٿيارن جي خريداري، عيد تي خونريزي جو خطرو

رشيد مھر،انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ
شڪارپور
Shikarpurشڪارپور ضلعي جي 30 کان وڌيڪ قبيلائي جھيڙا ھلندڙ ، عيدلاضحيٰ جي موقعي تي وڏي خونريزي جو خطرو ، علائقي واسي عيد خريداري بدران جديد ھٿيار خريد ڪرڻ ۾ رڌل . عيد جي ڏينھن وڏي امڪاني خونريزي جو خطرو ، جھيڙيندڙ ڌرين کي سيڪورٽي فراھم ڪرڻ جو مطالبو، رپورٽ موجب شڪارپور ضلعي جي مختلف قبيلن جتوئي ، جاگيراڻي ، معرفاڻي جعفري ، مھر جتوئي ، شر-ڪيھر سميت 30 کان وڌيڪ مختلف ٻين برادرين ۾ ھلندڙ معمولي ڳالھين تا ن شرع ٿيندڙ جھيڙن ۾ سوين انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن جنھن ڪري علائصي جي ھزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻيل آھي ، اسڪول مڪمل طور تي بند پيل آھن ، ٻارڙن جي ھٿن ۾ قلم جي بدران ڪلاشنڪوف آھي ، مگر سياسي ڀوتار ءِ سردار پنھجي سياست چمڪائڻ ۾ مصروف مل آحن پر ھلندڙ سالن کان تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪي بھ اپاءِ ناھن ورتا ويا ، ھوڏانھن عيد ويجھو ايندي ئي جھيڙيندڙ ڌرين عيد خريداري بدران دنيا جا جديد ھٿيار خريد ڪرڻ ۾ مصروف آھن انھي حوالي سان عيد واري ڏينھن وڏي خونريزي جو خطرو آھي ، جنھن حوالي سان ھتان جي مختلف سياسي سماجي ڌرين سنڌ حڪومت ءِ ضلعي انتظاميا کان پرزور مطالبو ڪيو آھي تھ جھيڙيندڙ ڌرين جي علائقن ۾ سيڪيورٽي جا مڪمل انتظام ڪيا وڃن تھ جيئن ڪا بھ امڪاني خونريزي نھ ٿي سگھي .
ايس ايس پي شڪارپور پرويز چانديو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تھ عيد جي حوالي سان بھتر انتظام ڪيا ويا آھن ، جھيڙيندڙ ڌرين جي سردارن سميت حفاظتي انتظام پڻ مڪلم ڪيا ويا آھن . اميد آھي تھ عيد تھ ڪو بھ اڻوڻندڙ واقعو پيش نھ ايندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button