سنڌ ۾ وڌندڙ طالبانيت سامراج جي والار جو حصو آهي، سيمينار کي خطاب
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مورو جي ساڃاھ وند ڌرين بنياد پرستي کي سماج جو ناسور قرار ڏئي ڇڏيو هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ طالبانيت سامراج جي والار جو حصو آهي ان جي خاتمي لاءِ عوام دوست سياسي سرگرمين کي زور وٺرائڻو پوندو ۽ ڀوري ڀيل جي لاش جي بي حرمتي سنڌ جي مذهبي رواداري تي حملو آهي اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ٿنڪرس فورم پاران ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو جي گڏيل سهڪار سان ”سماج ۾ وڌندڙ طالبانيت“ جي عنوان هيٺ ڪرايل سيمينار ۾ خطاب ڪيو. هن سيمينار ۾ سياسي سماجي علمي ادبي ۽ شهري تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي ڪامريڊ يونس راهو چيو ته بنياد پرستي سماج کي بربريت ڏانهن وٺي ويندي ان لاءِ ضروري آهي ته مذهبي بنياد پرستي خلاف سڀئي سيڪيولر قوتون گڏيل عوامي محاذ جوڙين ۽ عوام دوست سياست کي سگهارو ڪن جيڪا ڏيهي ۽ پرڏيهي استحصالي قوتن خلاف جدوجهد ڪن، ڪامريڊ هاشم کوسو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سدائين مذهبي رواداري جي سر زمين رهي آهي سنڌ جي ترقي پسند سياسي قوتن مذهبي رواداري کي سگهارو ڪنديون رهيون آهن پر جڏهن کان سياست ۾ ترقي پسند رجحان ڪمزور ٿيندو ويو ته بنياد پرست قوتون سگهاريون ٿي ويون، انجنيئر تصور حسين لغاري چيو ته اسان بنياد پرستي جو مقابلو بنياد پرستي سان نه ٿا ڪري سگهون اسان پنهنجي قومي سياست ۾ به بنياد پرست روين کي قائم رکيو آهي جنهن کان هٽي ڪري جمهوري روين کي قائم رکڻو پوندو، رسول بخش گچيرائي چيو ته بنياد پرستي کي عالمي سامراج آمريڪا پنهنجي مفادن لاءِ تاتيو نپايو ۽ اڄ به اڻ سڌي طرح مذهبي بنياد پرستي کي پرورش ڪري پيو، جي ايم لغاري چيو ته قومي سياست ئي بنياد پرستي کي روڪي سگهي ٿي، ساس جي سيڪريٽري رزاق مستوئي چيو ته سنڌ جي سيڪولر تحريڪ ۾ اديب به پنهنجو محاذ سنڀالين هي مسئلو بنيادي مسئلو آهي جيڪڏهن اسان بنياد پرستي جي مسئلي کي نظر انداز ڪيو ته سنڌ بربريت جي دور ۾ داخل ٿي ويندي، عظيم سنڌي چيو ته سنڌ سدائين صوفين جي سرزمين رهي آهي هتي بنياد پرستي جي جڳھ ناهي، امير علي لغاري چيو ته سنڌ ۾ طبقاتي، قومي، جمهوري سياست جو ڳانڍاپو مذهبي بنياد پرستي لاءِ شڪست ثابت ٿي سگهي ٿي، جڳديش ڪمار چيو ته سنڌ ۽ اسلام جي پوري تاريخ ۾ ڪڏهن به مسلمن ۽ غير مسلمن لاءِ الڳ قبرستان جي لاءِ تصور ناهي هي ڀوري ڀيل جو مسئلو ڪونهي هي سڄي سماج ۾ مذهبي رواداري تي حملو آهي ان جو گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو. ان کان علاوه محمود لغاري، هدايت ڏيپر، صوفي فنڪار عزيز سابقي، حڪيم لغاري، اظفر سعيد ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته جونيئر ڪامريڊ چَي گوِيرا انقلابي گيت پيش ڪري سڄي سمينار ۾ ويٺلن کي جنبش ۾ آڻي ڇڏيو. جڏهن ته هن پرگروام ۾ ڀوري ڀيل جي لاش جي تذليل ڪرڻ ۽ ديوان پريم چند کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ هڪ منٽ جي خاموشيءَ اختيار ڪئي وئي ۽ گهر ڪئي وئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي رياست ۽ مذهب کي الڳ ڪيو وڃي.