سنڌ صوفين ، بزرگن ، امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي، ڪاظم علي شاھ
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم اين اي ۽ درگاهه سخي ناصر شاهه جي گادي نشين پير سيد ڪاظم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوفين ، بزرگن ، امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي ۽ سنڌ جي صوفي بزرگن جي درگاهن تي امن ۽ محبت جو پيغام ملي ٿو اسان کي به انهن جي واٽ تي هلڻ گهرجي. هنڱورجا جي درگاهه حضرت نڀندو شاهه جي سالياني عرس مبارڪ جي تقريبات جي سلسلي ۾ مزار تي چادر چاڙهڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. ڪراچي ۾ اڄ به دهشتگردن ۽ اندروني سنڌ ۾ وري ڌاڙيلن جي راڄ آهي . هن چيو ته مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان اڳ حڪومت پنهنجي مرضي موجب يوسيز کي ٽوڙي ڌانڌلين جي شروعات ڪري ڏني آهي . چونڊن ۾ سڄي سنڌ ۾ فنڪشنل ليگ پنهنجا اميدوار بيهاريندي. پ پ اميدوارن جي شڪست جو خوف کان پنهنجي مرضي جون يوسيز ٺاهيون آهن پر عوام فنڪشنل مسلم ليگ سان گڏ آهي. مخالفن کي مڪاني چونڊن ۾ به شڪست ملندي.