سکر

جديد دؤر ۾ به هارين کي پنهنجا حق ناهن ملي سگهيا، پائلر

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
SANYO DIGITAL CAMERAپائلر اين جي اوز پاران هارين جي حقن بابت ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن پريل مري اسحاق سومر، ضمير اعواڻ، ڪرم وساڻ، ايڊووڪيٽ هادي ڀٽ، مولانا عبيدالله ڀٽو، غزاله انجم، غلام مرتضى گهانگهرو، حڪيم زنگيجو ۽ ٻين چيو آهي ته ملڪ جي 80 سيڪڙو آبادي پورهيت طبقي سان واسطو رکندڙ آهي اڄوڪي جديد دؤر ۾ به هارين کي پنهنجا حق ناهن ملي سگهيا جنهنڪري سندن استحصال ٿي رهيو آهي هارين جا نالن تي ورتل زمينون بااثر جاگيردارن جي قبضي هيٺ آهن جيڪي خالي ڪرائي اصل مالڪن حوالي ڪيون وڃن هنن چيو ته هارين جي حقن لاءِ جيڪا قانوني سازي ٿيل آهي اها گهٽ آهي کين حق ڏيارڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ قانوني سازي جي ضرورت آهي هنن چيو ته زمين جا اصل مالڪ اهي هاري آهن جيڪي رات ڏينهن محنت ڪري زمين کين فصل اپائي رهيا آهن هنن چيو ته هاري ۽ پورهيت جي خوشحالي لاءِ هاري طبقي جو ماڻهو مطالبو ڪري رهيو آهي هارين جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ سندن حقن جي ٿيندڙ لتاڙ وارو عمل بند ڪرائڻو پوندو هنن چيو ته هاري جي حقن لاءِ مرد، عورتن جي نڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته هارين جي حقن لاءِ هڪ آواز ٿي اٿجي ان موقعي تي امير گل ڪٽوهر، افشان اصغر ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ توڙي ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button