ھنڱورجا

ھنڱورجا: ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي ۾ صوفياڻي محفل ٿي گذري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
هنڱورجا ڀرسان ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي ۾ ڊاڪٽر ذاڪر حسين سولنگي جي رهائش گاهه تي صوفياڻي محفل ٿي گذري جنهن ۾ سنڌ جي ريڊيو ٽي وي جي صوفي فنڪار فقير راهب علي، فقير نياز علي منڱڻيجو، خدن فقير، فقير بخشڻ ۽ ٻين حضرت سچل سرمست، شاهه عبداللطيف، مهدي سائين ، جانڻ چن، بلي شاهه سميت ٻين جي ڪلام پيش ڪيا.

ھنڱورجا: ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي ۾ صوفياڻي محفل ٿي گذري
ھنڱورجا: ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي ۾ صوفياڻي محفل ٿي گذري
محفل ۾ ويٺلن ماڻهن کي وجد تاري ڪري ڇڏيو ۽ ڪلامن تي ڪيترائي نوجوان جهومندا رهيا ۽ خوب داد وصول ڪيو. ان موقعي تي درگاهه مهدي سائين جهانيان جي گادي نشين سيد ثمر علي شاهه کي شاهه جي مشين وٽ واليانو استقبال ڪيو ويو ۽ گلن جي ورکا ڪري هڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ محفل ۾ شرڪت جي لاءِ آندو ويو. ان موقعي تي سيد ثمر علي شاهه جهانيان محفل ۾ ويٺلن کي پيغام ڏيندي چيو ته صوفين پيار ۽ محبت جو پنهنجي ڪلام جي زريعي پيغام ڏنو آهي. جنهن تي عمل ڪرڻ سان سڪون ملندو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button