ھنڱورجا

ھنڱورجا: ڪاٽن فيڪٽري کي اوچتو باهه لڳڻ سبب سوا لک کان وڌيڪ مڻ ڦٽيون سڙي رک ٿي ويون

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
هنڱورجا ۾ اسلام ڪاٽن فيڪٽري کي اوچتو باهه لڳڻ سبب سوا لک کان وڌيڪ مڻ ڦٽيون سڙي رک ٿي ويون، اطلاع ڏيڻ باوجود فائررگيڊ عملو هڪ ڪلاڪ ڍير سان پهتو، فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب پورهيتن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، 40 ڪروڙن جي نقصان ٿيو آهي

ڪاٽن فيڪٽري کي اوچتو باهه لڳڻ سبب سوا لک کان وڌيڪ مڻ ڦٽيون سڙي رک ٿي ويون
ڪاٽن فيڪٽري کي اوچتو باهه لڳڻ سبب سوا لک کان وڌيڪ مڻ ڦٽيون سڙي رک ٿي ويون
فيڪٽري انتظاميه تفصيل موجب هنڱورجا ۾ اسلام ڪاٽن فيڪٽري کي اوچتو بجلي جي تارن ۾ باهه لڳڻ سبب رکيل سوا لک مڻ کان وڌيڪ ڦٽيون سڙي رک ٿي ويون. فيڪٽري انتظاميه فائربرگيڊ عملي کي اطلاع ڏيڻ باوجود هڪ ڪلاڪ ڍير سان پهچڻ تي فيڪٽري ۾ هر طرف باهه جا شعولا نظر اچڻ لڳا ۽ دونهون شهر جي مٿان ڪڪرن جي صورت اختيار ڪري ويو. باهه لڳڻ سبب فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ فيڪٽري ڀرسان سولنگي محلي جي رهواسي خوف وچان گهر خالي ڪري ٻاهر نڪري آيا. جڏهن ته مختلف شهرن مان فائربرگيڊ جون ڪلاڪ بعد 8 گاڏيون پهتيون جن باهه کي وسائڻ ۾ رڍل رهيون . اسلام ڪاٽن فيڪٽري جي مئنيجر سجاد حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته باهه بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان لڳي آهي جنهن سبب سوا لک مڻ ڦٽيون جنهن جي رقم اٽڪل 40 ڪروڙ جون سڙي ويون آهن ۽ موٽر ۽ قيمتي سامان پڻ سڙي ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button