مختصر خبرون

ھنڱورجا: پوليس اهلڪار جو ٽيجهو سڳيون لڳ ڳوٺ رسول بخش هيسباڻي ۾ ٿي گذريو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،هنڱورجا
نجي ٽي وي جي اسڪرپٽ ايڊيٽر مهر علي هيسباڻي جي ڪراچي ۾ دهشتگردن جي هٿان شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار ڀاءُ باغ علي هيسباڻي جو ٽيجهو سڳيون لڳ ڳوٺ رسول بخش هيسباڻي ۾ ٿي گذريو. سندس جي ٽيجهي تقريب ۾ سياسي سماجي ۽ ميڊيا سان واسطو رکندڙ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي . جڏهن ته مرحوم جي تڏي تي وڏي انگ ۾ سياسي سماجي سنگت صحافي سنگت جي مرڪزي وائس چيئرمين بچل هنڱورو، غلام حسين چانگ،رحيم سولنگي، زاهد گل، گل بيگ چانگ ۽ شهر جي هزارين ماڻهن پهچي ڪري مهر علي هيسباڻي ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button