مختصر خبرون

ھنڱورجا: ممتاز ڀٽو تي تنقيد بند ڪئي وڃي، ن ليگ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
مسلم ليگ نواز جي صوبائي اڳواڻ ۽ پير آف راڻيپور پير سيد آصف علي شاهه جيلاني، منصور سولنگي، امير بخش سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پي پي ايم اين اي اياز سومرو سردار ممتاز ڀٽو تي تنقيد ڪري خبر ناهي ڪنهن کي خوش ڪرڻ چاهي ٿو پر کيس کي سنڌ جا ماڻهو چڱي ريت سڃاڻن ٿا. اياز سومرو سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري قانون پاس ڪرڻ واري عمل ۾ سڀ کان اڳ ڀرو هيو جنهن کي سنڌي ماڻهن سنڌ جو غدار قرار ڏنو هيو. هنن چيو ته اياز سومرو جي پاران استعامل ڪيل زبان جي سخت مذمت ڪريون ٿا. اياز سومرو پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ممتاز ڀٽو مٿان پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ تنقيد جا تير وسايا آهن. هنن چيو ته ممتاز ڀٽو هميشه ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي واري سياست ڪئي آهي. هو هميشه ڪرپٽ ماڻهن خلاف آواز اٿاريندو رهيو آهي. هنن چيو ته موجوده حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪوشان آهي. هنن چيو ته اياز سومرو جيڪڏهن تنقيد ڪرڻ بند نه ڪئي ته ن ليگ جا جيالا سندس جي گهر جو گهيراءُ ڪندا. هنن پ پ جي اعلي قيادت کي اپيل ڪئي ته اياز سومرو کي گندي زبان استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button