مختصر خبرون

ڳڙهي خيرو: مير ممتاز خان جکراڻي کي سنڌ ڪابينا وزارت ملڻ جي خوشي ۾ ريلي

ساگر ڀٽي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڳڙهي خيرو
پي ايس 13 ڳڙهي خيرو واري تڪ تان چونڊيل ايم پي اي مير ممتاز خان جکراڻي کي سنڌ ڪابينا وزارت ملڻ جي خوشي ۾ ڳڙهي خيرو ۾ پ پ سپاف ڪارڪنن پاران ارشاد علي بروهي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مٺائي ورهائي وئي پ پ سپاف جي سوين ڪارڪنن دُهل ۽ شرنائن تي رقص ڪري سڄي شهر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب پهتا جتي مٺائي ورهائي وئي ان موقعي تي ارشاد علي بروهي ، نياز جان ۽ ٻين چيو ته ماضي ۾ ڳڙهي خيرو کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي جنهن ڪري هتان جي ماڻهن ۾ احساسِ محرومي وڌي آهي انهن چيو هتان چونڊيل ايم پي اي کي وزارت ڏئي پ پ هتان جي ماڻهن کي تمام گهڻي خوشي ڏني آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button