مختصر خبرون

پ پ کي مجانئ چونڊن ۾ شڪست ملندي، مير غيبي خان مغيري

ضمير کرل
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، شهدادڪوٽ
پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مير غيبي خان مغيري چيو آهي ته 11 مئي تي پيپلز پارٽي جي پت وائکي ٿي چڪي آهي، پنهنجي شهدادڪوٽ واري رهائشگاهه تي عيد ملن پارٽي کي خطاب ڪندي غيبي خان مغيري چيو ته سنڌ جو عوام پ پ وارن کان تنگ اچي چڪو آهي ۽ کين مڪاني چونڊن ۾ بري شڪست ڏيندو، سندس چوڻ هو ته سنڌ مرشد لطيف جي ڌرتي آهي هتي انتها پسندي قبول نه ڪئي ويندي ،سنڌ جو ماڻهو شريف آهي ۽ ڪنهن به دهشتگرد ڪاروائي ۾ ملوث نه رهيو آهي، هن چيو ته پنجابي، پٺاڻ بمن، هٿيارن سوڌو پڪڙبا رهيا آهن پر سنڌي اهڙين ڪارواين کان هميشه پري رهيا آهن، هن چيو ته 10 جماعتي اتحاد ۽ قومپرست سندن حامي آهن ان ڪري مڪاني چونڊن ۾ پ پ اميدوارن کي شڪست نصيب ٿيندي ،غيبي خان مغيري چيو ته قبرستانن تي قبضا ڪيا پيا وڃن انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڀوري ڀيل جي لاش کي قبر مان ٻاهر ڪڍي لٺيون هنيون ويون جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آهي، هن چيو ته ڪرپشن هڪ لعنت آهي جنهن کي نيب چيئرمين ختم ڪرائي سرڪاري ملڪيتون ۽ ناڻو بچائيندو، عيد ملن پارٽي ۾ رئيس ممتاز چانڊيو،جسقم جي بخشل سومرو، ايس ٽي پي جي حيات تونيو، جسم جي حبدار ميرجت (ن) ليگ جي حاجي خان ڀٽو، ايس يو پي جي حمل خشڪ،محبوب لوڌيِ ۽ ٻين خطاب ڪيو. عيد ملن گڏجاڻي تقريب ۾ مختلف برادري جي ماڻهن، سياسي ،سماجي اڳواڻن ۽ معزز شهرين وڏي انگ ۾ سرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button