خيرپور

پ پ حڪومت سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتري آندي آھي، قائم علي شاھ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران صوبي جي عوام جي معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن ته صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتري آندي وئي آهي.

خيرپور: سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاھ سرڪٽ ھائوس خيرپور ۾ غريب ۽ مستحق ماڻھن ۾ عيد جا تحفا ورھائي رھيو آھي
خيرپور: سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاھ سرڪٽ ھائوس خيرپور ۾ غريب ۽ مستحق ماڻھن ۾ عيد جا تحفا ورھائي رھيو آھي
هن اهڙو اظهار سرڪٽ هائوس خيرپور غريب ۽ مستحق ماڻهن ۾ عيد جي تحفن ورهائڻ واري تقريب ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪراچي سميت صوبي جي امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي عوام پارٽي آهي ۽ سدائين عوام جي خدمت ڪئي آهي. ان موقعي تي وڏي وزير سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ 200 غريب ۽ مستحق عورتن ۽ مردن ۾ عيد جا تحفا ورهايا جن ۾ کاڌي پيتي جي سامان جو پئڪيٽ ۽ ڪپڙا شامل هئا. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جو پوليٽيڪل سيڪريٽري لعل بخش منگي، اسپيشل اسسٽنٽ امتياز علي ملاح، ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز علي عباسي، ڊي آءِ جي سکر شرجيل کرل، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي، ايس ايس پي خيرپور آصف اعجاز شيخ ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button