مختصر خبرون

هنڱورجا: قومي شاهراه تي ڦر جي ڪوشش، پوليس ۽ ھٿياربندن ۾ مقابلو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
هنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراه تي 10 نامعلوم هٿياربندن پاران2 مختلف هنڌن تي مسافر گاڏين کان ڦر لٽ جي ڪوشش ، پوليس ۽ هٿياربندن جي وچ ۾ مقابلو ، هڪ ڦورو جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، پوليس مختلف ڳوٺن جي ڇاپا هڻي 10 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي
تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراه تي پڪي واٽر ۽ احسان عابد پئٽرول جي سامهون 10 نامعلوم هٿياربندن ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين کي هٿيارن جي زور تي روڪي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته گشتي پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ مقابلو ٿي پيو . فائرنگ جي ڏي وٽ کان پوءِ هٿياربند فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس موجب ته هڪ ڦورو زخمي ٿيو آهي جنهن جي رت جا نشان پڻ مليا آهن . هوڏانهن هنڱورجا پوليس مختلف ڳوٺن تي ڇاپا هڻي 10 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري سندس کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. پوليس گرفتار ڪيلن جا نالا ّظاهر نه پيا ڪيا وڃن . ٻئي پاسي ڦر جي ڪوشش جي ٻنهي واقعن جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. ايس ايڇ او هنڱورجا ٻڌايو ته ڦرن جي خبر پئجي وئي آهي جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button