مختصر خبرون

نوجوان شاعر صحافي شهزور شاهنواز بهراڻي تي حملو رتو رت

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
نوجوان شاعر صحافي شهزور شاهنواز بهراڻي تي حملو رتو رت اسپتال داخل، ويڳي ماءُ، ڀائرن، مامن ۽ انهن جي مددگارن ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تفصيل موجب؛ تعلقي موري جي ڳوٺ هوت بهراڻي جي رهواسي نوجوان اديب شاعر، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ صحافي شهزور شاهنواز بهراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو پلاٽ ڦٻائڻ جي لاءِ ۽ مونکي ڳوٺ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ اهڙو عمل ڪيو ويو آهي هن چيو ته منهنجي پيءَ جي وفات کانپوءِ مونسان منهنجي ويڳي ماءُ ڀاءُ، ڀيڻ، ڀيڻيوي ۽ ماما مونکان نفرت ڪرڻ لڳا ۽ هر وقت مونکي مارڪٽ ڪري گهران نڪري وڃڻ جو چيو، مونکي ورثي ۾ مليل پنهنجي والد صاهب طرفان ملڪيت فٻائڻ لاءِ هاڻي مونکي قتل ڪرڻ تي به لهي آيا آهن انهن سڀني گڏجي مونکي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر معجزانه طور تي بچي ويس هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي مذڪوره ماڻهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري منهنجي ملڪيت بچائي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button