آرٽيڪل

نوازليگ اڳواڻ چيف آف مينگل عوام جو همدرد

اکين ڏٺو احوال: بختياربگٽي، لاڙڪاڻو
پاڪستان مسلم ليگ ن جو اڳواڻ چيف آف مينگل نواب عبدالغني مينگل جيڪوتازودبئيکان پهنجي ملڪ پاڪستان پهتو ۽ جڏهن عيد ڪرڻ پهنجي شهر لاڙڪاڻي پهچڻ تي سندس Nawab A Ghani Mengal (640x427)قبيلي جي هزارن ماڻهن سميت نواز ليگ جي سوين ڪارڪنن پهنجي محبوب جي آجيان ڪرڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ تائين موئن جو داڙو ايئر پورٽ تي انتظار ۾ بيٺا رهيا ته هن موقعي تي مون سميت ٻيا به ڪيترائي صحافي اتي موجود هئا پر وڏي ڳالهه ته صرف مينگل قبيلي جو عوام نه پر ٻين ذاتين جا به ماڻهو سندس انتظار ۾ بيٺل رهيا ۽ جئيڻ ئي نواب عبدالغني مينگل موهن جو داڙو ايئر پورٽ کان ٻاهر آيو ته عوام کين ڀرپور انداز ۾ گلن جي ورکا ڪئي، گلن جي هارن سميت نوٽن جا هار پڻ پهنجي محبوب نواب عبدالغني مينگل کي پارايا ويا، ۽ دهل شرنائين جي ڌڌڪي تي بلوچي رڪس جهومندا ۽ نچندا رهيا جڏهن پهنجي نواب اڳواڻ کي شاندار نموني لاڙڪاڻي آندو پئي ويو ته باقراڻي شهر ۾ پڻ ڪيترن ئي ماڻهن سندن آجيان ڪئي ۽ ماڻهو ڏسڻ لاءِ روڊن تي بيهجي ويا، باقراڻي جي نيشنل پريس ڪلب ۾ پڻ صحافين پاران دعوت ڏني وئي، جتي هن ڳالهائيندي ڇيو ته پنج سالن جي گذريل حڪومت جيڪو پيپلز پارٽي جي هئي جنهن ملڪي عوام کي بيروزگاري، بد امني، مهانگائي، بجلي ۽ گئيس لوڊشيڊنگ تحفي طور جيڪو ڏنو ان کي عوام اڄ به ڀوڳي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن پاران پوري ملڪ ۾ امن امان بهتر رکڻ لاءِ ميان محمد نواز شريف جوڳا اپاءَ وٺي رهيا آهن ته جئين ملڪ ۾ امن امان قائم ۽ دائم رهي ۽ ملڪي عوام پنهنجي پاڪ ملڪ ۾ امن سان رهي ڪري سک جو ساهه کڻي سگهي، چيف آف مينگل نواب عبدالغني مينگل چيو ته اسان جي قائد ميان محمد نواز شريف ملڪي عوام جي ڀرپور خدمت ڪندو هن وقت پيپلز پارٽي پاران ملڪ ۾ ڪرپشن عروج تي پهچايو هو جنهن ڪرپشن کي روڪڻ ۾ اسان جي حڪومت کي ٽائيم ته لڳي سگهي ٿو پر انشاءَ اللہ اسان جي حڪومت اهو ڪم ختم ڪري ڏيکاريندي،هن چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ امن امان کي برقرار رکڻ توڙي منشيات جي اڏن کي ختم ڪرڻ لاءِ انتظاميه کي پڻ چيو ويو ته هو لاڙڪاڻي جي عوام کي سڪون پهچائن ۽ لاڙڪاڻي جي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي هن چيو ته لاڙڪاڻي جي عوام جي هر ڏک ۽ سک ۾ ساڻس گڏ رهندس ڪو به ڪم ڪار هجي ته انهن لاءِ منهنجي بنگلي جا دروازا چوويهه ڪلاڪ پڻ کليل رهندا، آءُ هر وقت عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۽ منهنجي قبيلي جا ماڻهو به هر وقت هر ڏک توڙي سک ۾ لاڙڪاڻي جي عوام سان گڏ هوندا، مان امن پسند ۽ غريب دوست ۽ هر انسان دوست ماڻهو آهيان ، هن چيو ته سندهه امڙ جي عوام جي هر وقت خدمت ڪندو رهندس جيسيتائين جان ۾ ساهه آهي ، مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي جڏهن مان پنهنجي غريب مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪندو آهيان، انهن جا مسئلا ٻڌي انهن کي حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آهيان، مان اڳ پيپلز پارٽي ۾ هيس پر اتي رڳو چاليهه چور ڏسي مون پيپلز پارٽي کي الوداع ڪري عوام جي همدرد پاڪستان مسلم ليگ ن ۾ عوامي جي ڀرپور خدمت ڪرڻ ڏسي ڪري شموليت جو اعلان ڪري عوام جي خدمت ڪرڻ پڻ شروع ڪئي، هن چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ به ن ليگ جا اڳواڻ ڀرپور حصو وٺندا جنهن ۾ پڻ فتح حاصل ٿيندي ۽ نيشنل پريس ڪلب باقراڻي جي صحافي دوستن کي الوداع چئي لاڙڪاڻي شهر ڏانهن روانا ٿيا ۽ هزارين ماڻهن جي جلوس جي صورت ۾ جناح باغ چوڪ تي پهچي پنهنجي قبيلي ، ڪارڪنن توڙي صحافين جو شڪريو ادا ڪيو۽ نيو بس ٽرمينل ڀرسان واقع پنهنجي بنگلي تي پهچي قبيلي جي ماڻهن توڙي ڪارڪن ۾ لنگر پڻ تقسيم ڪيو، جتي هن قبيلي جي ماڻهن، ڪارڪنن توڙي شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جو ڳالهيون ٻڌي مسئلا جلد حل ڪرڻ جو پڻ يقين ڏياريو۔بنگلي تي مون سميت صحافين لالا منير بروهي،افسر علي کهاوڙ ، نثار علي لهر،، ڪامران کهاوڙ، وسيم ٻرڙو ۽ٻين مختلف سوال ڪيا ته هن جواب ڏيندي چيو ته مان هتي لاڙڪاڻي ان جي ڪري پهتس ته جئين آءُ پنهنجي قبيلي جي عوام سان گڏ عيد ڪرڻ لاءِ پهتو آهيان ۽ پنهنجي شهرين توڙي ماروئڙن جي خدمت ڪرڻ لاءِ پهتو آهيان ته جئين منهنجا ماروئڙا خوش رهن ۽ لاڙڪاڻي جا غريب ماڻهن سان گڏ عيد جون خوشيون حاصل ڪريان ۽ پهنجي غريب قبيلي جي ماڻهن توڙي شهرين کي به عيد ڪرائي سگهان، هن چيو ته آءُ چيف آف مينگل قبيلي جو نواب ضرور آهيان پر غريب عوام جو همدرد ۽ هڏڏوکي آهيان، مان پهنجي عوام جي هر ڏک ۾شامل ٿيڻ تي خوشي محسوس ڪندو آهيان۔مان ڀرپور ڪوشش ڪندي به پهنجي غريب ماروئڙن جا جائز مسئلا جلد حل ڪرائيندو آهيان، آخر ۾ هن چيو ته مون کي اميد آهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ اسان جو قائد ميان محمد نواز شريف ملڪ جي عوام جي ڀلائي خاطر پنهنجو مشن کي اڃان به تيز ڪندو ۽ ملڪ جي عوام جي خوشحالي کي توڙي امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺندو ۽ ملڪ مان بيروزگاري، مهانگائي، بدامني ۽ لوڊشيڊنگ تي جلد ڪنٽرول ڪندا ۽ ملڪي عوام کي جلد ۾ جلد رليف مهيا ڪندا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button