آرٽيڪل

عيد،ٻار ۽ مستقبل…

ابراهيم انقلابي
Eid, children and futureاسان پنهنجي مذهبي حوالي سان ٻه عيدون ملهائيندا آهيون چوندا آهن ته عيد ٻارن لاءِ هوندي آهي تنهن ڪري هر ماڻهون پنهجن ٻارن جي خواهشن جي امنگن تي پورو لهي ٿو ،ٻار ته ٻار آهن جيڪي دنيا جي ناساز حالتن کان واقف نه هوندا آهن ،غريب سٻاجهڙا پٽي سٽي قرض پکو کڻي پنهنجن گلن جهڙن ٻارن جي چهرن تي مرڪ ته آڻن ٿا پر اها مرڪ مستقل نه هوندي آهي عيد جي موقعن تي انهن ٻارن جون ٽهڪندڙ گونجون هوائن ۾ گونجنديون رهن ٿيون،انهن جي خوش چهرن جو عڪس پنهنجن سٻاڄهڙن جي نظرن اڳيان ڦرندو رهي ٿو ،انهن ٻارن جون ڪجل ڀريون اکيون رنگ برنگي ڪپڙا، پتڪڙن پتڪڙن پيرن ۾ پاتل سينڊلن جا نشان هر گهٽي ۾ ملندا ،عيدجي آخري پهر ۾ جڏهن خيساخالي ڪري گهرپهچي وري سڄي ڏينهن جو احوال گهر جي هر فرد سان اهڙي انداز ۾ ڪٽيندا آهن جهڙي ريت سياح پنهنجي سفر جا داستان ٻڌائيندا آهن ،
اهي ٻار ئي آهن جيڪي مستقبل جي معمار آهن جيڪي ايندڙ وقت جا خواب پنهنجن اکين ۾ سمائي رکندا آهن انهن جي اکين ۾ سچائي ڀريل هوندي آهي ان سچائي کي ٽوڙڻ نه گهرجي، جڏهن ٻار وڏا ٿيندا آهن ته سماج ۾ ٿيندڙ براين کي ڏسي غليظ سوچ سان شَناس ٿي ويندا آهن ۽ انهن جي اکين مان سچائي جو سونهن نڪري ويندو آهي ،تنهن ڪري والدين کي گهرجي ته ٻار جي پرورش سٺي نموني ڪن ۽ سچائي جو سونهن پنهنجن بارڙن جي اکين مان نڪرڻ نه ڏين،انهن کي تعليم طرف متوجه ڪرائين ته جيئن بهترين سماج جي اڏاوت ٿي سگهي باقي اوهان جا ٻار اوهان کي منهينو اڳ بڌائي ڇڏيندا تي بابا..بابا عيد ۾ منهينو پچيو آهي…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button