مختصر خبرون

سکر: مئٽر جو سپليمينٽري امتحان 21 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
ثانوي و اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ سکر جي امتحانن واري ڪنٽرولر اعلان ڪيو آهي ته سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ پارٽ ٽو(ڪلاس ڏهين) جي ڪيميسٽري، بائيولاجي، فزڪس، فوڊ اينڊ نيوٽريشن ۽ ڪلاٿنگ اينڊ ٽيڪسٽائل مضمونن جا سپليمينٽري پريڪٽيڪل امتحان 21 آڪٽوبر کان شروع ٿيندا. تفصيل مطابق سکر بورڊ جي طرفان ضلع گهوٽڪي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪو ميرپور ماٿيلو، اهڙي طرح ضلع سکر جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول سکر ان کان علاوه ضلع خيرپور جي گورنمينٽ ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول راڻيپور جڏهن ته ضلع نوشهروفيروز جي گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز ۾ امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويا آهن سمورن اميدوارن کي مشورو ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجي واسطيدار سينٽرن تي امتحانن ۾ شريڪ ٿين.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button