مختصر خبرون

سکر: تيز رفتار ٽرالر بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڊاٽسن ۽ ڪار مٿان ڪلٽي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
سکر سبزي منڊي لڳ اٽي سان ڀري تيز رفتار ٽرالر بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڊاٽسن ۽ ڪار مٿان ڪلٽي، ٽرالر ڊرائيور زخمي، خبر موجب ڪالهه شام ڌاري سکر جي وڌي سبزي منڊي ويجهو اٽي سان ڀري تيز رفتار ٽرالر بريڪ فيل ٿيڻ ۽ اور لوڊ هجڻ ڪري ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي ڪري ٽرالر ڊائيور صاحب ڏنو زخمي ٿي پيو زخمي کي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو حادثي سبب روڊ ڪناري بيٺل ڪار ۽ ڊاٽسن دٻجي تباهه ٿي ويونم واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، ٽرالر جي ڪلٽي ٿيڻ جي ڪري سکر ڪوئيٽه روڊ بلاڪ ٿي ويو جنهن جي ڪري ٻنهي طرفن لان گاڏين جون قطارون بيهجي ويون واقعي جو اطلاع ملڻ سبب پوليس واپارين ۽ علائقي واسين روڊ صاف ڪرڻ لاءِ امدادي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button