تعليم ۽ نئين ٽھي

سکر تعليمي بورڊ نائين ڪلاس جي امتحان جي نتيجي جو اعلان ڪري ڇڏيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
BISE Sukkurثانوي و اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ سکر جي امتحانن واري ڪنٽرولر سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ پارٽ ون (ڪلاس نائين) جي سائنس ۽ جنرل گروپس جي ساليانو امتحان 2013 جي نتيجي جو اعلان ڪيو آهي. جنهن مطابق نائين جماعت سائنس گروپ ۾ 49636 اميدوار رجسٽرڊ ٿيا، جن مان 49458 اميدوارن شرڪت ڪئي. جنهن مان 40266 اميدوار پنجن پيپرن ۾ پاس ٿيا، 5372 اميدوار چار پيپرن ۾ پاس ٿيا، 2017 اميدوار ٽن پيپرن ۾ پاس ٿيا، 675 اميدوار ٻن پيپرن ۾ پاس ٿيا ۽ 312 اميدوار هڪ پيپر ۾ پاس ٿيا. اهڙيءَ طرح جنرل گروپ ۾ 3587 اميدوار رجسٽرڊ ٿيا، جنهن مان 3476 اميدوارن شرڪت ڪئي، 2358 اميدوار پنجن پيپرن ۾پاس ٿيا، 614 چار پيپرن ۾ پاس ٿيا، 185 ٽن پيپرن ۾ پاس ٿيا، 76 اميدوار ٻن پيپرن ۾ پاس ٿيا ۽ 58 اميدوار هڪ پيپر ۾ پاس ٿيا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button