مختصر خبرون

سيٺارجا واسي عورت ٺڳ عورت هٿان ڦرجي وئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
سيٺارجا واسي عورت ٺڳ عورت هٿان ڦرجي وئي، پيڇو ڪرڻ تي هنڱورجا پوليس ٻه ٺڳ عورتن کي پڪڙي لاڪپ ڪري ڇڏيو، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو تفصيل موجب هنڱورجا کان مورو ويندڙ مسافر ويگن ۾ سوار سيٺارجا واسي عورت نسيم اختر سولنگي کان ٻه ٺڳ عورتن ڪوٽڙي ڪبير اسٽاپ وٽ هزارين روپيه روڪ ڦري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته نسيم اختر جي وارثن پوليس جي مدد سان ٻنهي ٺڳ عورتن ڪنيز فاطمه ۽ پروين سڌو کي پڪڙي سندن وٽان ڦريل 16 هزار روپيه هٿ ڪري ٻنهي عورتن کي هنڱورجا پوليس لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. آخري اطلاعن تائين ٻنهي ٺڳ عورتن جي خلاف ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button