مختصر خبرون

سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي جي ڪري بيگناهه انسانن جو قتل ڪيو پيو وڃي، امجد مهيسر

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
جيئي سنڌ قومي محاذ پاران 27 آڪٽوبر تي سنڌ ۾ انتهاپسندي جي خلاف سچل سرمست جي دگاهه تي ڪوٺايل صوفي ڪانفرنس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ جسقم ضلعي خيرپور جي عهديدارن جو اجلاس مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر جي صدارت هيٺ هنڱورجا ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ صوفي ڪانفرنس جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو ۽ مختلف ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن ان موقعي تي جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي جي ڪري بيگناهه انسانن جو قتل ڪيو پيو وڃي سنڌ جيڪا صوفين بزرگن درويشن جي سرزمين آهي هڪ سازش تحت سنڌ کي انتهاپسندي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي 27 آڪٽوبر تي صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست جي درگاهه تي صوفي ڪانفرنس ڪرائڻ جو مقصد مذهبي انتهاپسندي جي خلاف گڏيل آواز اٿارڻ آهي. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي صوفي ۽ بزرگن جي درگاهن جي گادي نشينن ۽ اديبن دانشورن کي دعوت نامه ڏنا پيا وڃن . هن چيو ته سنڌ جي خلاف ڪابه سازش برداشت نه ڪئي ويندي . سائين جي ايم سيد جا پيروڪار سنڌ جي ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button