ھنڱورجا

سنڌ حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام، وڏو وزير استعيفا ڏئي، ڪاظم علي شاهه لڪياري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاهه  تعزيت ڪندي
فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاهه تعزيت ڪندي
فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري چيو آهي ته سنڌ حڪومت امن امان قائم ڪرڻ توڙي سنڌ جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. امن امان جي ناڪامي تي وزيراعلي سنڌ کي استعيفا ڏيڻ گهرجي. هنڱورجا جي صحافي فياض سولنگي سان سندس جي والد جي وفات تي تعذيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته خيرپور ضلعو جيڪو وزيراعلي جو پنهنجو ضلعو آهي اتي اغوائن ، ڦرن، ڌاڙن جون وارداتون چوٽ چڙهيل آهن. قومي شاهراه توڙي مهراڻ هاءِ وي تان گذرندڙ مسافرن کي به اغوا ۽ ڦريون لٽيو ٿو وڃي. پر سنڌ حڪومت خاموش آهي. 18 ڏينهن کان ايس ايس پي خيرپور جي پوسٽ خالي آهي جنهن تي ڪوبه پوليس آفيسر مقرر نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته مهانگائي غريب ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. پي پي جي وزيرن توڙي مشيرن ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button