آرٽيڪل

سنڌ جو مظلوم عوام ۽ ظالم جاگيردار وڏيرا

مسعود احمد ڀلائي ڄامشورو
سنڌ جي تباهي ڏانهن وڌنڌڙ رجحان ظالم جاگيردار۽ وڏيرن جي پٺڀرائي سنڌ جي سرڪاري، توڙي غير سرڪاري ادارن، صحافت ۽ تعليمي ادارن تي ظالم جاگيردار۽ وڏيرن جي دادا گيري ڪارڻ سنڌ جي مظلوم عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جا ظالم جاگيردار۽ وڏيرا پنهنجي ڏاڍائي ڏيکارڻ لاءِ سنڌ جي غريب عوام کي اَن جيئان جنڊ ۾ پيسي رهيا آهن

مسعود احمد ڀلائي
مسعود احمد ڀلائي
تعيلمي ادارن کي پنهنجون اوطاقون بڻائي سنڌ جي غريب طبقي سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان سندن بنيادي تعليم جو حق پڻ کسي رهيا آهن، ته جيئن هو اڳتي هلي تعليم حاصل ڪري سندن ظلم خلاف بغاوت نه ڪري ان ڪري سنڌ جي غريب طبقي سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم تباه و برباد جي چوٽي تي پهچي چڪي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ظالم جاگيردارن وڏيرن جو سنڌ جي غريب طبقي سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليمي جهيڙي زيور کان محروم ڪيو پيو وڃي ڇو جو گذريل 5 سالن ۾ سنڌ جي تعليم تي وڏو داغ لڳي ويو آهي، چاهي اهي پرائمري اسڪول هجن يا هائير سيڪنڊري اسڪول هجن يا سنڌ جون يونيورسٽيون هجن تعليم کان بي معيار تعليم کاتي اڳوڻي وزير پير مظهر الحق پاڻ خود تعليم کان معيار هيوجنهن سنڌجي اسڪولن ۾ بند پيل تدريسي عمل ۾ لاپرواهي ڏيکاري جنهن سبب سنڌ جي پرائمري اسڪول هجن يا هائير سيڪنڊري اسڪول هجن يا سنڌ جون يونيورسٽيون هجن جنهن ۾ غريب شاگردن جو وڌ وڌ نقصان ٿيو،

حضرت امام حسين عليه السلام جو قول آهي ته ظالم جي ظلم خلاف جيترو دير سان آواز اٿاربو اوتريون وڌيڪ قربانيون ڏيڻيون پونديون.

2010واري ٻوڏ دوران سنڌ جي تعليم معطل ڪئي وئي سنڌ جي ظالم جاگيردار وڏيرن سنڌ جي اسڪولن کي پنهنجي اوطاقون سمجهي انهن کي ٻوڏ متاثرن حوالي ڪري سنڌ جي غريب طبقي سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم6 مهينا متاثر ڪئي جنهن سبب غريب طبقي سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم تي وڏو نقصان ٿيو، ضلعي ڄامشوري جي سردار ملڪ اسد سڪندر پنهنجي ڏاڍائي ڏيکارڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي وي سي نذير احمد مغل کان نوڪرين جا آرڊر وٺي سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن مٿان فائرنگ، آنسو گئيس، ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن جي گھرن ٻاهران پوليس جي مورچه بندي پڻ ڪئي وئي جنهن سبب سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي وئي جنهن سنڌ يونيورسٽي جو تدريسي عمل 4 مهينا بند رهيو جنهن ۾ نقصان صرف غريب عوام جو فائدو ظالم جاگيردار وڏيري جو ٿيو، افسوس جو اهي سنڌ يونيورسٽي جا ملازم ان سردار ملڪ اسد جا ووٽر هئا.
2010 دوران سنڌ ۾ آيل ماها ٻوڏ سبب ٻوڏ متاثرين کي وطن ڪارڊ ڏنا ويا هئا، تنهن ۾ سنڌ جي ظالم جاگيردارن وڏيرن جي دلالن وڏي پيماني تي لُٽ مار ڪئي هئي ۽ اڌو اڌ پئسا غريب عوام کان ورتا ويا جن نه ڏنا ته انهن جو لسٽ مان نالو خارج ڪري ان جاءِ تي سنڌ دشمن ظالم جاگيرداروڏيرن پنهنجي دلالن کي پئسا ڏياريا. ڄامشوري ضلعي ۾ وڌنڌڙ بدامني خاص ڪري سنڌ جي تعليمي ادارن سنڌيونيورسٽي،مهراڻ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن مٿان تشدد جو نشانو بڻائيندڙ ڄامشوري جي سردار ملڪ اسد سڪندر جو پاليل دلال سيد نثار شاه جنهن سنڌيونيورسٽي جي شاگردياڻين پنهنجي مسئلن لاءِ اي_سي ٽو اڳيان احتجاج ڪيو ته جنهن تي شاگردياڻين کي ڏاڍائي ڪري موبائيل اندر وجھي ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪيو ويو انهن جو قصور اهو هو جو هنن پنهنجي حق جي ڳاله پئي ڪئي.
ضلعي ڄامشوري جو قديمي اسڪول جيڪو 1984 کان قائم ٿيل آهي جنهن ۾ هاڻي 3 فٽ پاڻي ۽ ڪَل بيٺل آهي جنهن سبب ڄامشوري جي غريب سان تعلق شاگردياڻيون سون جهڙي زيور تعليم کان محروم آهن جيڪي ڌڪا ٿاٻا کائي تعليم لاءِ دربدر ٿي بوائز اسڪول ۾ وڃي پنهنجي تعليم جاري رکن ٿيون. گذريل حڪومت ۾ تعليم کاتي جي وزير پير مظهرالحق 2011 ۾ ان اسڪول جو جائزو ورتو ۽ اسڪول جي ترقياتي ڪم لاءِ فنڊ جاري جيڪي ڄامشوري جي چڱن مڙسن کاڌا غريبن جا ٻار ساڳيوئي تعليم لاءِ دربدر آهن. 2008 سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه ممتاز راهوجو جي شادي ۾ ٿيل تقريب ۾ عوام کي خطاب ڪندي چيو ته ضلعي ڄامشوري جي ڦاٽڪ واري علائقي ۾ بوائز ۽ گرلز ڪاليج جي لاءِ منظوري ڏني جيڪا اڄ به غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون پريشان آهن ته ڇا سائين قائم علي شاه جو اهو خطاب ڀنگ جي نشي ۾ ڪيو ؟ هن اليڪشن ۾ چونڊيل نمائندا عوام جي نه بلڪه سنڌ دشمن ظالم جاگيرارن ۽ وڏيرن جي زور آيا آهن.
ڇو ته جڏهن پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ٻٽو نظام قائم ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ 15 آڪٽوبر واري جلسي دوران جيڪا عزت دادو جي عوام پير مظهرالحق جو استقبال ٽماٽن ۽ انڊن سان ، بدين جي عوام شرجيل ميمڻ جو استقبال پنهنجي جوتن سان ڪيو ، لاڙڪاڻي جي عوام نثار کهوڙو جوتا هنا ايئن جيڪا بي عزتي هنن جي ڪئي اها سڀ ڪو بخوبي ڄاڻي ٿو،
جنهن کي پنهنجي تڪ جي ماڻهن پنهنجي چونڊيل نمائندن سان بدسلوڪي وارو ريو رکيو ته اها عوام ڪنهن عام ماڻهو جي زور تي انهن ساڳين چونڊيل نمائندن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ نه آڻيندي ته اهي ساڳيا اچي سنڌ ڌرتي جو سوڌو ڪن بلڪه اهي سا ڳيا چونڊيل نمائنده اقتدار ۾ سنڌ دشمن ظالم جاگيردار وڏيرن جي زور تي آيا.
صدي جي معتبر سياستدانن جنهن ظالم جاگيردار وڏيرن خلاف تحريڪ هلائي ماڻهن کي باغي ڪري سندن حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪئي جنهن (باباءِ سنڌ) ڪامريڊ حيدربخش جتوئي راتين جو ننڍوڻ ڦٽائي ظالم جاگيردار وڏيرن کان غريب هارين کي پنهنجا حق ڏيارڻ ۾ جدوجهد ڪئي کيس اڄ سنڌ باباءِ سنڌ جي لقب سان سڃاڻي ٿي، قائد انقلاب شهيد مير مرتضٰي ڀٽو جنهن غريب عوام کي ظالم جاگيردار وڏيرن کان حق ڏيارڻ ۽ انهن جي غلامي کان آزاد ڪرڻ لاءِ تحريڪ هلائي شهيد مير مرتضٰي ڀٽو ظالم جاگيردارن وڏيرن جون ننڍون حرام ڪري ڇڏيون کيس سندس ئي ڀيڻ جي دور حڪومت ۾ پنهجي گھر اڳيان شهيد ڪيو ويو اگر اسان هن سنڌ دشمن ظالم جاگيردار وڏيرن خلاف بغاوت جو اعلان نه ڪيو سين ته اهي ظالم جاگيردار وڏيرا اسان جو هن معاشري ۾ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندا.
حضرت امام حسين عليه السلام جو قول آهي ته ظالم جي ظلم خلاف جيترو دير سان آواز اٿاربو اوتريون وڌيڪ قربانيون ڏيڻيون پونديون.
شهيد مير مرتضٰي ڀٽو جو قول آهي ته جڏهن نا انصافيون حد کان وڌي وڃن ته بغاوت ان تي فرض بڻجي ويندي آ
اگر اسان ظالم جاگيردار وڏيرن خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو سين ته اهي جاگيردار وڏيرا اسان جي تعليمي، مالي، قومي نقصان ۾ وجهندا ان کان بهتر آ ته اسين سندن ظلم خلاف بغاوت ڪيو ۽ پنهنجي تعليم ، مال ، قومي عزت بچايو نه ته اهي ظالم جاگيردار وڏيرا پنهنجي مفاد خاطر ڪجه به ڪري سگهن ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button