سنڌيونيورسٽي

سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسيلرن جي ڪميٽي جو اهم اجلاس ڄامشورو ۾ ٿي گذريو

امام علي ڀلائي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
VC's photographs (640x248)سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسيلرن جي ڪميٽي جو اهم اجلاس گذريل ڏينهن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل جي صدارت هيٺ وي سي هائوس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيز ترميمي بل 2013 تي تفصيلي غور ويچار ڪندي سفارشون تيار ڪيون ويون، جيڪي جلد سنڌ جي وڏي وزير ۽ تعليم واري وزير حوالي ڪيون وينديون. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جلد وي سيز ڪميٽي قائم علي شاهه سان ملاقات پڻ ڪندي. تفصيل موجب سنڌ يونيورسٽي ۾ وي سيز ڪميٽي جو اهم اجلاس ڊاڪٽر نذير اي مغل جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن وي سي هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر محمد قيصر، محترمه بينظير ڀٽو يوينورسٽي لياري ڪراچي جي وي سي ڊاڪٽر رشيد اي شاهه، مهراڻ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر عبدالقدير راجپوت، قائدعوام يونيورسٽي نوابشاهه جي وي سي ڊاڪٽر علي بخش سومرو، وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جي وائيس چانسيلر جي مل ڌناڻي، بينظير يونيورسٽي نوابشاه جي وائيس چانسيلر ارشد سليم، زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وي سي آر بي ميربحر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽيز ترميمي بل 2013 تي پنهنجيون سفارشون تيار ڪيون ويون، جيڪي عمر جي حد، ٻن مدن لاءِ وي سي ٿيڻ يا وري مسلسل 3 ڀيرا وائيس چانسيلر مقرر ڪرڻ جي حوالي سان مشتمل آهن. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر مغل ٻڌايو ته تعليم واري صوبائي وزير نثار احمد کهڙو جي صلاح تي وي سيز ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ويو ته جيئن ان ۾ ترميمي بل جي حوالي سان سفارشون جوڙي سگهجن. اجلاس ۾ وائيس چانسيلرز جي اڪيڊمڪ ايسوسيئيشن جو قيام پڻ عمل ۾ آندو ويو ته جيئن اها ضرورت وقت حڪومت سان لهه وچڙ ۾ اچي يونيورسٽين جا معاملا حل ڪرائي سگهي. اڪيڊمڪ ايسوسيئيشن جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل ۽ وائيس چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد قيصر کي چونڊيو ويو، اهڙي طرح ڊاڪٽر علي بخش سومرو سيڪريٽري جنرل ۽ ارشد سليم کي خزانچي چونڊيو ويو. اڪيڊمڪ ايسوسيئيشن جي ايگزيڪٽو ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر آر اي شاهه، عبدالقدير راجپوت، آر بي ميربحر ۽ جي مل ڌناڻي کي شامل ڪيو ويو. اجلاس ۾ وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ويو ته سندس قيادت ۾ اعليٰ تعليم بابت جڙيل ڪميٽي ۾ وائيس چانسيلرز ڪميٽي کي پڻ نمائندگي ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته وائيس چانسيلر پڻ يونيورسٽين جا اسٽيڪ هولڊر آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button