مختصر خبرون

سنڌي شاگرد سٿ پاران چوٿون ليڪچر پروگرام ٿي گذريو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪراچي
ڪراچي يونيورسٽي جي آرٽس لابي ۾ سنڌي شاگرد سٿ پاران چوٿون ليڪچر پروگرام ٿي گذريو، جنهن ۾ (تعليم مسئلن جو حل) جي موضوع تي سٿ جي جوائنٽ سيڪريٽري زويا فتح برفت ليڪچر ڏنو. تعليمي مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته نياڻين جي تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي. استادن کي سرڪاري سطح تي ٽريننگ ڪرائي وڃي ته جيئن استاد شاگرد کي سمجھي ۽ تعليمي نظام بهتر ٿي سگھي. پرائمري تعليم مادري زبان ۾ هجي. تعليمي نصاب کي جديد ڪيو وڃي ۽ ان ۾ تاريخي حقائق جا موضوع شامل ڪيا وڃن. آخر ۾ سنڌي شاگرد سٿ جي اگواڻن سراج لاکو، اشفاق سبزوئي، لجپت راءِ، اياز ڪمبوه، مهوش برفت، نور فاطمه، نجمه ياسين پڻ خطاب ڪندي حڪومت کان اپيل ڪئي ته تعليمي شعبن جو بجٽ وڌايو وڃي، ۽ تعليمي نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي. پروگرام ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ سنڌي شاگردن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button