آرٽيڪلسنڌي ادب

سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي اهميت جي عنوان هيٺ ٿيل مذاڪري جو اکين ڏٺو احوال

رپورٽ ۽ تصويرون:- وحيد رزاق مستوئي(مورو)
سنڌي ادبي سنگت سنڌ سميت ايشيا جي اديبن جي وڏي ۾ وڏي ۾ تنظيم آهي جنهن جي وسيلي سنڌي ادب ٻولي توڙي ثقافت کي اجاگر ڪيو وڃي ٿو جتي مرڪز ۽ ٻيون شاخون پنهنجي وت وس آهر ڪم ڪن پيون اتي سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو سنڌ ۾ انتهائي سرگرم ۽ متحرڪ شاخ آهي هن شاخ ۾ تمام باشعور محنتي ۽ ادبي ساڃاھ رکندڙ اديبن جو وڏو حلقو موجود آهي

وحيد رزاق مستوئي
وحيد رزاق مستوئي
هي شاخ محنت مستقل مزاجي سان پنهنجو الڳ مقام حاصل ڪندي پئي اچي هن شاخ ۾ ادبي گڏجاڻيون ۽ شعور ڏيندڙ ڪلاس هلن پيا سيڪريٽري جي پرعزم ۽ مسلسل محنت سبب ويتر هن شاخ جو مان مٿڀرو ڪيو آهي ليڪچر پروگرام، رهاڻيون، ڪتابي مهرتون، ڪتابي اڀياس، ورڪشاپ، ادبي تعليمي ڪانفرنسون، ثقافتي پروگرامن ۽ مذاڪرن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ان سلسلي جي ڪڙي طور منفرد موضوعن تي بحث مباحثا ڪيا وڃن ٿا يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول ۾ ڪرايل مذاڪري ۾ ساهتي پرڳڻي جي اديبن سنڌي ادبي سنگت شاخ موري پاران ”سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي اهميت“ جي عنوان هيٺ ٿيل مذاڪري ۾ چيو آهي ته سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي اهميت مُنڊيءَ جي ٽِڪ وانگر آهي جديد ڪهاڻي جو تاڃيپيٽو ڪمزور آهي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪهاڻي جو عروج جهڪو ٿيو آهي پر ڪهاڻي اڃا مُئي ناهي ڪهاڻي کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ لاءِ تربيت جي ضرورت آهي. ان موقعي تي صدارتي تقرير ڪندي نئين ٽهي جي دانشور اظفر سعيد ميمڻ چيو ته ادارا فردن جي حوالي هوندا آهن پر ٿيندا قومي ملڪيت آهن ڌاريو ادب نه پڙهڻ ڪري اسان ڪهاڻي جو تقابلي جائزو وٺي نه ٿا سگهون. اڄ اهي نقاد ناهن جنهن ڪري ڪهاڻي جي ڇنڊ ڇاڻ نه ٿئي سينئرن جي ڀيٽ ۾ نوجوانن جي ڪهاڻين ۾ جهول آهن هن وڌيڪ چيو ته ڪهاڻيڪار گهڻا آهن پر قاري ڪونهن جنهن ڪري کوٽ نظر پئي اچي. هن چيو ته افسانو مختصر ۽ ڪهاڻي ڊيگهاري ٿيندي آهي افساني ۾ هڪ ئي واقعي کي کڻبو آهي ۽ ڪهاڻي ۾ زمان مڪان جي ڳالھ هوندي آهي ڪهاڻي جي ڪردار نگاري ۾ توازن نه ڪبو ته جهول ظاهر ٿيندا آغاز ۽ انجام به هجي. شروع ۾ ترجما ڪيا ويا بعد ۾ ڪهاڻي ڪمال جي حد تائين ترقي ڪئي هاڻي ڪهاڻي جو ٽرينڊ بدليو آهي. نامياري محقق پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري چيو ته ڪهاڻيڪارن ادب جي خدمت ڪري ان ۾ جان وڌي پر مطالعي جو شوق گهٽ هجڻ جي ڪري ان جي اهميت ظاهر نه ٿي آهيAdabi Merako (640x508) علم ۽ ادب مان شعور ملي ٿو ۽ ذهني سڪون حاصل ٿئي ٿو ڪهاڻي جو اثر نسل ۽ سماج تي پوي ٿو ان ڪري اهڙي ڪهاڻي جي ضرورت آهي جيڪا سماج کي فائدو ڏئي. هن چيو ته نوجوان شاعري ۽ ڪهاڻي جو مطالعو ڪن پر ان سان گڏ تاريخ جو علم به پڙهن ڇاڪاڻ ته هر علم جي پنهنجي جاءِ تي اهميت آهي ۽ هر صنف ڪم جي آهي. نامياري شاعر منظور شاھ منظور چيو ته ادب ۽ سماج جو اڻ ٽٽ رشتو آهي ۽ قومون ٻولين سان سڃاپجن ٿيون هن وقت ادب ۾ صحتمند سائنسي رُخ وارين ڪهاڻين جي گهرج آهي. هن چيو ته راڳي جو واسطو به ادب سان آهي ۽ ڪچهريون به ادب جو بنياد آهن اڄ جي لکڻي سائنسي هجي رڳو وندر جي لاءِ نه هجي ڳالهائڻ توڙي ڳائڻ بيسود نه هجي حالات موجب هجي ته اتساھ ملندو ۽ معاشري کي سٺي رستي تي وٺي ويندو. نامياري نقاد خليق ٻگهيو چيو ته سنڌي ڪهاڻي زندھ آهي جيڪا سوچ جو زاويو وڌائي ٿي پر عالمي سطح جو نثر نٿو لکيو وڃي اڄ ڪلھ ادب کي شوبز جي دنيا ڪيو ويو آهي ادب ماڻهو کي پوڙهو ٿيڻ نه ٿو ڏئي ان جي خوراڪ مطالعو ۽ لکڻ آهي. هن چيو ته ڪهاڻيڪارن ۾ اڄ جي دور ۾ به وڏا نالا موجود آهن اسٽڊي سرڪل به نه رهيا آهن ۽ اهو حلقو به ناهي ۽ ذوق ڏيارڻ وارا به نه رهيا آهن هن چيو ته اسان ادب وارو ادب نه ٿا لکون صرف پٽڪا ٻڌڻ ۽ لاهڻ لاءِ ڪم پيا ڪريون رسول بخش پليجي کانپوءِ نقاد پيدا نه ٿيو آهي جنهن جي ڪري اڄ جي ڪهاڻي ۾ اها لذيت ناهي رهي اسان وٽ طارق اشرف جهڙو ايڊيٽر ۽ شيخ اياز جهڙو شاعر پيدا نه ٿي سگهيو آهي. اديب ليکڪ رضا ايوب لانگاھ چيو ته شاعري ۾ به ڪهاڻي آهي ۽ شاعر به ڪهاڻيڪار آهي اصل ۾ ڪهاڻي ۾ مقصد هجي ته جدت ايندي نوجوان مطالعو گهٽ ٿا ڪن ان ڪري ڪهاڻي سان انصاف نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته 1980ع کانپوءِ ڪهاڻي لکڻ جو عمل جهڪو ٿيو آهي پر ڪهاڻي مري وڃڻ وارو الزام غلط آهي سهڻي ۽ روح رهاڻ زبردست ڪردار ادا ڪيو هاڻي نوجوانن جو مطالعي ڏانهن لاڙو نه هجڻ ڪري ڪهاڻي ۾ اهو دم ناهي سوجهرو، سڳنڌ ۽ پوپٽ ڀلو ڪم پيا ڪن نوجوان ان ۾ لکن به ۽ پڙهن به ته ڪافي بهتري ايندي. بابر مقدر ميمڻ چيو ته ڪهاڻي نثر جو حصو آهي اڪثر رسالا نثر سان ڀريل آهن ان جي ڀيٽ ۾ نظم گهٽ آهي ڪهاڻي جو رس چس پنهنجو آهي. هن چيو ته امرجليل جي اها ڳالھ وزنائتي آهي ته لکڻ جا 36 ٿيم آهن جن تي هزارين ڪهاڻيون لکجن پيون امرجليل علي بابا اڄ به لکن پيا. امداد سولنگي چيو ته تخليق ڪار جا ٽارگيٽ مختلف آهن ڪهاڻي کي نوان تجربا ڪرڻ جي ضرورت آهي ڪهاڻي ۾ تنز، ڀوگنا ۽ مزاح جو پيغام هوندو آهي جديد سنڌي ڪهاڻي جو تاڃيپيٽو ڪمزور آهي. هن چيو ته موهن ڪلبنا سنڌي ڪهاڻي کي جيڪا گولي لڳڻ واري ڳالھ ڪئي هئي ان ۾ هن جي اندروني ڪيفيت جو اظهار هو جنهن ۾ هڪ ڏک ۽ ٻي تقاضا شامل هئي سنڌي ڪهاڻي جو سفر جاري آهي طارق عالم، جمال ابڙي، نورالهدى شاھ، ثميره زرين ڪهاڻي کي تحريڪ جي صورت ۾ اڳتي آندو طارق قريشي سائنٽيفڪ انداز ۾ لکي پيو هن چيو ته آئون نوبل پرائز کي شڪ جي نگاھ سان ڏسندو آهيان جيئن ته ڪافر ڪهاڻي کانپوءِ انقلاب نه اچڻ جون جيڪي ڳالهيون ڪيون ويون تيئن رحمت الله ماڃوٺي جي ڪهاڻي ”ڪني مڇي“ شاهڪار لکيل آهي ڪهاڻي جي صنف ۽ سماجي طور به وڏي اهميت آهي. اسلم عباسي چيو ته ڪهاڻيڪار سماج جي ڪردارن کي ڪمال جي حد تائين کڻي اچي ٿو ان ڪري ڪهاڻي بابت ڄاڻ ۽ تربيت جي ضرورت آهي. هن چيو ته نجم عباسي ساهتي جو وڏو ڪهاڻيڪار هو جنهن غربت، مفلسي، بک بدحالي ۽ سماج جي هر طرح جي ڪهاڻين ۾ عڪاسي ڪئي آهي اسان کي اهڙو ماحول جوڙڻو پوندو جپو ڪتاب هٿو هٿ وڪامي وڃن پر ان کان اڳ ۾ ڪهاڻي لکڻ جو ڏانءُ سيکارڻ لاءِ تربيت ڪرڻي پوندي. سماجي اڳواڻ عبدالحفيظ شيخ چيو ته ڪهاڻي جي لکڻ لاءِ اتساھ پيدا ڪرڻ کپي پر پڙهڻ ۽ عمل ڪرڻ وارن جو حلقو پيدا ڪرڻ کپي. ليڪچر ٿئي جنهن کانپوءِ ڪهاڻي ۾ اهڙن ڪردارن جي چونڊ ڪئي وڃي جيڪي سماج ۾ تبديلي آڻڻ جا اهڃاڻ هجن. وزير فرهاد سولنگي چيو ته سنڌي ادب ۾ دور دور جي گهرج مطابق ڪهاڻي لکي وئي عروج جهڪو ٿيو آهي پر زوال نه آيو آهي. هن چيو ته ورهاڱي کانپوءِ 1980ع تائين ڪهاڻي جو عروج هيو جيڪو بعد ۾ گهٽيو آهي ان زماني ۾ انٽرينيٽ نه هئي ان ڪري تفريح ۽ ضررورت هئي ڪهاڻي جو رخ زوال طرف ناهي ويو پر متاثر ضرور ٿيو آهي ماضيءَ ۾ ٽي وي تي هجوم هوندا هئا ۽ سينما گهر به وڏو مرڪز هئا هاڻي زندگي جا ونهوار وڌي وڃڻ ڪري تخليق جو عمل پوئتي ويو آهي ڇاڪاڻ ته جنجهٽ ختم ئي نه ٿا ٿين اها حيرت جي ڳالھ آهي جو پنجن سالن ۾ ڪهاڻي جو ڪتاب نه آيو آهي. سڪندر ڪورائي چيو ته جن ڀوڳيو آهي انهن ئي لکيو آهي ڪهاڻي کي ٻڌڻ واري سگھ کٽي وئي آهي. ڪهاڻي اڄ جي ڪردران تي لکڻ کپي سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي اهائي اهميت آهي اڄ هن موضوع کي اسان پاڻي ۾ پٿر هڻڻ سمجهون ٿا. اعجاز دونگھ چيو ته ڄمڻ کان وٺي ڪهاڻي جو سفر شروع ٿئي ٿو ڪهاڻي جي ايتري اهميت آهي جيتري بکايل کي ماني جي ۽ اڃايل کي پاڻي جي ضرورت آهي. هن چيو ته نوجوانن کي ڪهاڻي کان پري نه ٿيڻ کپي ڪهاڻي لکبي ته ختم نه ٿيندي اڄ هن مذاڪري ۾ مونکي به اتساھ مليو آهي ته ڪهاڻي لکان. سڪندر جروار چيو ته ڪهاڻي اڄ به زندھ آهي ادب جا سڀ پاسا بهتر آهن پر جائزي وٺڻ وارو عمل نه رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جي سيڪريٽري رزاق مستوئي چيو ته سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي اهميت مُنڊيءَ جي ٽِڪ وانگر آهي اسان وٽ مطالعي جي گهٽتائي جي ڪري فِڪري سوچ ڪمزور ٿي وئي آهي ان ڪري اڄ جي گهرج مطابق هي مذاڪراتي بحث نوان گس ۽ ڪهاڻي لکڻ جا پلاٽ مهيا ڪندا. ان کان علاوه احمد ظفر خاصخيلي، وحيد رزاق مستوئي، الطاف سومرو، ڪاشف شاھ ۽ ٻين پڻ پنهنجا رايا پيش ڪيا جڏهن ته نامياري فنڪار ماسٽر محمد حنيف چانڊيو کان لطيف جي وائي چورائي هن مذاڪري جي شروعات ڪئي وئي ۽ بعد ۾ پڻ هن پنهنجي مڌر آواز سان ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button