آرٽيڪل

ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊ تڪ باڊهه ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي هيروئن جا اڏا قائم

عبدالمجيد جهتيال
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊھ
ايشيا جي عظيم سياسي ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊ تڪ باڊهه ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي هيروئن جا اڏا قائم ٿيل آهن، جتي اتر سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن کان هيروئن جا واپاري ججههي مقدار ۾ هيروئن آڻي هتي هلندڙ اڏن تي وڪرو ڪن ٿا،

باڊھ: نشي جا عادي ماڻھو مختلف ھنڌن تي نشو واپرائي رھيا آھن، ٻئي طرف ھڪ موالي نشو ڪرڻ سبب آرام ڪري رھيو آھي. ڦوٽو خادم سومرو
باڊھ: نشي جا عادي ماڻھو مختلف ھنڌن تي نشو واپرائي رھيا آھن، ٻئي طرف ھڪ موالي نشو ڪرڻ سبب آرام ڪري رھيو آھي. ڦوٽو خادم سومرو
جتان وري باڊهه، ڏوڪري، نصيرآباد، راڌڻ سميت آسپاس جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن کان هيروئن جا موالي هيروئن خريد ڪري ٽولين جي صورت ۾ علائقي جي قبرستانن ۽ مخصوص هنڌن تي ويهي واپرائين ٿا، هن وقت به باڊهه جي چنا محله، درگاهه محله، تقي شاهه محله ۽ ٻين هنڌن تي کلي عام هيروئن جو ڪاروبار هلي رهيو آهي، جنهن سبب باڊهه ۽ آسپاس جا هزارين ماڻهو هن موت جهڙي نشي جا عادي بڻجي چڪا آهن، جنهن ۾ وڏو انگ نوجوانن جو آهي، خاص ڪري بيروزگار نوجوان صبح کان رات تائين مختلف هنڌن تي هيروئن پيئندي نظر اچن ٿا، اڪثر بيروزگار نوجوان پنهنجي گهر جو قيمتي سامان وڪرو ڪري پنهنجي لاءِ هيروئن خريد ڪن ٿا، ڪيترا ئي نوجوان هيروئني پاڙي جي دڪانن ۽ گهرن مان سامان چوري ڪرڻ تي مجبور آهن، هوڏانهن مقامي پوليس شهر ۽ آسپاس ۾ هلندڙ هيروئن جا اڏا بند ڪرائڻ بجاءِ زنده لاش بڻيل هيروئنين کي گرفتار ڪري بالا آفيسرن وٽ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا، جڏهن ته منشيات وڪرو ڪندڙ توڙي سندن سرپرستي ڪندڙن خلاف ڪڏهن به ڪارروائي نه ٿي ڪئي وڃي، هتان جا منشيات فروش آزادي سان هن موتمار نشي جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن، هتي کلي عام منشيات هلڻ سبب نوجوانن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن کان علاوه ڪيترائي ننڍي عمر وارا ٻالڪ پڻ هيروئن جا عادي بڻجي چڪا آهن، باڊهه ۽ آسپاس ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي هيروئن جو ڪاروبار ٿيڻ سبب هڪ انداز موجب 50 سيڪڙو نوجوان هيروئن واپارين ٿا، جڏهن ته گذريل ڪيترن ئي سالن دوران باڊهه ۽ آسپاس ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ نوجوان هيروئن واپرائڻ سبب پنهنجون قيمتي زندگيون وڃائي چڪا آهن، جن ۾ خان ڦلپوٽو، گل سومرو، اعجاز لاکير، لائق لاکير، عقيل لاکير، ارباب ميراڻي، ميرل ڦلپوٽو، اصغر بروهي، اربيلو سومرو،امداد جوڻيجو، سرور ڦلپوٽو، امير علي، مٺل سومرو، ذوالفقار سومرو، علو ڪولاچي ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته هن وقت به ڪيترائي نوجوان هيروئن واپرائڻ سبب زندگي ۽ موت جي ٻي واٽي تي بيٺل آهن، ٻئي طرف هتان جا هيروئني هيروئن واپرائڻ سان گڏ شهر جي ميڊيڪل اسٽورن تان نشي آور انجيڪشنون خريد ڪري پنهنجي جسم ۾ لڳائين ٿا، جنهن ڪري ڪيترا ئي موالي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، هتان جا ميڊيڪل اسٽور مالڪ ڊاڪٽرن جي پرچي کان بغير موالين کي گهربل نشي واريون انجيڪشنون ڏئي رهيا آهن، خاص ڪري هتان جا عطائي ڊاڪٽر ان ڪڌي عمل ۾ ملوث آهن، جيڪي هيروئينن کي نشي آوور دعوائن ۽ انجيڪنشنن جون پرچيون لکي ڏين ٿا، ٻئي طرف باڊهه ۽ آسپاس جي ساڃاهه وندن منشيات جي هلندڙ ڪاروبار تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته منشيات جا اڏا فوري طور تي بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ان ڏس ۾ ايس ٽي پي جي اصغر نوناري، باڊهه سوشل فورم جي ڪامريڊ عزيز بروهي، جسم جي حسن ڪلهوڙو، سول سوسائٽي جي نور محمد بليدي، پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ قادر بروهي ۽ ٻين عوامي آواز سان ويچار ونڍيندي چيو ته باڊهه شهر اڳ ڪاروبار جي حوالي سان ڏينهنا ڏيهه مشهور هيو پر اڄڪلهه منشيات جي کلي عام ڪاروبار سبب باڊهه شهر ڪراچي جو سهراب ڳوٺ سڏيو وڃي ٿو، هنن چيو ته منشيات جو واهپو ۽ ڪاروبار عام هجڻ ڪري هر گهر ۾ هيروئن جا عادي پيدا ٿي پيا آهن، روزانو علائقي جي ڪنهن نه ڪنهن گهر مان هيروئن جي موالي جو جنازو نڪري رهيو آهي پر هتان جي نااهل پوليس منشيات جي ڪاروبار کي ختم ڪرائڻ بجاءِ خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هنن پوليس کاتي جي اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته باڊهه ۾ هلندڙ منشيات جو ڪاروبار بند ڪرايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button