آرٽيڪل

”دوزخ جي باھ کان بچو ۽ بچايو“

فقير غلام شبير شيخ مورو
اي اميان وارو بچايو پنهنجي پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي دوزخ جي باھ کان (سوره تحريم آيت 6)
Quranمنهنجا مسلمان ڀائرو هن آيت مبارڪ ۾ الله تعالى مومن ٻانهن کي مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته توهان جي ذميداري فقط هيءَ نه آهي جو پنهنجو پاڻ کي دوزخ جي دردناڪ عذاب کان بچايو ليڪن توهان تي به هي ذميواري آهي ته توهان پنهنجي گهر وارن کي به ان عذاب کان بچايو توهان کان جيترو ٿي سگهي ته توهان پنهنجي وس آهر گهر وارن کي اهڙي تعليم ۽ تربيت ڏيو جو هو به اللت تعالى جا پيارا ٻانها بڻجي سگهن صرف اها گڻتي نه هجي ته سندن ٻچا ٻار دنيا ۾ سکيا ستابا هجن ليڪن ان کان وڌيڪ ڳڻتي هي هئڻ کپي ته سندن گهر وارا ٻچا ٻار دوزخ جي باھ جو کاڄ نه بڻجن جڏهن اسان پنهنجي اولاد کي سهڻي تربيت ذريعي نيڪ بڻايوسين ته نه صرف ان ۾ اولاد جو فائدو بلڪ ان ۾ پنهنجو به فائدو آهي ڇو ته جڏهن اسان هن جهان کي ڇڏينداسين ته اهو اسان جو نيڪ اولاد اسان جي گناهن جي مغفرت لاءِ الله تعالى جي بارگاھ ۾ دعائون گهرندو رهندو ۽ اسان جي درجن بلند ٿيڻ جي لاءِ پڻ دعائون گهرندو رهندو هر طرح ڪوشش ڪري نيڪين جو ثواب پڄائيندو رهندو پوءِ يقينن اسان جي نيڪ اولاد جي دعائن سبب الله تعالى دوزخ جي باھ کان نجات عطا فرمائيندو معلوم ٿيو ته جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان ۽ اسان جو اولاد ۽ گهر ڀاتي دوزخ جي باھ کان بچي ويون ته اسان ڪوشش ڪري پاڻ نيڪ بڻايون ۽ اهل اولاد کي نيڪ بنائڻ لاءِ هر طرح جي ڪوشش ڪريون ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ان لاءِ چند مشوره بيان ڪجن ٿا.
اولاد کي ننڍي هوندي کان ئي اخلاقي تربيت ڏني وڃي ۽ جڏهن سمجھ وارا ٿين ته انهن کي قرآن شريف ۽ ديني تعليم لاءِ ڪنهن نيڪ صالح متقي استاد جي حوالي ڪجي اهڙي طرح نياڻين کي نيڪ صالح عورت وٽ پڙهائجي ٻارن کي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم اولياءَ الله علماءَ اڪرامن لاءِ دل ۾ محبت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ انهن کي پيءَ ماءُ وڏن بزرگن ۽ استادن جو ادب سيکارجي ڪڏهن ڪڏهن ٻارن کي بزرگن ۽ نيڪ ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌائجن جيترو ممڪن ٿي سگهي ته ٻار ۽ پاڻ به نيڪ صالح بزرگ جي صحبت ۾ رهجي انهن جون نيڪ نقيحتون ٻڌي انهن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي جڏهن اسان جو اولاد نيڪ ۽ صالح بڻبو ته اهو قيامت جي ڏينهن دوزخ کان ڇوٽڪاري جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو ان ڪري اسان کان جيترو ٿي سگهي اولاد کي دنياوي تعليم سان گڏ ديني تعليم ڏياريون اسان جي دل ۾ اولاد لاءِ هي آرزو هوندي آهي ته منهنجو ٻچو ڊاڪٽر انجنيئر يا وڏي نوڪري وارو ٿئي خدا ڪري ته اسان جو اولاد انسان ذات جي خدمت جي ڪري وڏا وڏا عهدا ماڻهي ۽ انسان ذات جي خدمت ڪري ليڪن ان سان گڏ نيڪ صالح ۽ ديني علم جي سٺي ڄاڻ رکندڙ به هجي ته ڪيڏو نه ڀلو ڪم ٿي وڃي بس پوءِ هي دنيا به ڀلي ته آخرت بگ ڀلي شال الله تعالى اهي اميدون پوريون فرمائي آمين سُم آمين…….

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button