رانديون

بخت علي ڏهوٽ هاڪي ٽورنامينٽ ناز هاءِ اسڪول جي ٽيم کٽي ورتي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
Hockeyبخت علي ڏهوٽ ميموريل هاڪي ٽورنامينٽ ناز پائلٽ هاءِ اسڪول کٽي ورتي، مهمان خاص نفيسه شاه رانديگرن ۾ انعام ورهايا. بخت علي هوٽ ميموريل هاڪي ٽورنامينٽ جي فائينل لقمان هاڪي گرائونڊ تي ناز پائلٽ ۽ سينٽ ٿريزا هاءِ اسڪول جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ ناز هاءِ اسڪول جي ٽيم هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان ميچ کٽي ٽورنامينٽ پنهنجي نانءِ ڪري ڇڏي. ٽورنامينٽ 12 ڏينهن جاري رهي، جنهن ۾ 12 ٽيمن حصو ورتو. فائينل مقابلن جي خاص مهمان ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه هئي، جنهن کي ڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسئيشن جي سرپرست عنايت ڏهوٽ اجرڪ ۽ صدر ذاڪر حسين زيدي يادگار شيلڊ پيش ڪئي. ان موقعي تي ايم اين اي نفيسه شاهه بخت علي ڏهوٽ مرحوم جي راندين لاءِ ڪيل خدمتن کي واکاڻيو ۽ چيو ته سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن لقمان هاڪي گرائونڊ جو نالو بخت علي ڏهوٽ هاڪي گرائونڊ رکڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ذوالفقار ڏهوٽ، ڊي او اسپورٽس ميرمحمد ڪلهوڙو، عرفان ڏهوٽ، اظهار زيدي، غلام مرتضيَ، افتخار زيدي، استاد فيض محمد، پروفيسر، استاد، شهري ۽ هاڪي راند جا مداح وڏي انگ ۾ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button