مختصر خبرون

باڊھ: ٽرانسفارمر نه تبديل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

عبدالمجيد جهتيال
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊھ
شهر جي ڀٽي چوڪ واري علائقي جو سڙي ويل بجلي جو ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف ذڪر ڪيل علائقي جي رهواسين ڪشمير مغيري، عبدالرحمان نوناري، امتياز چنو، گدا گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري حيدر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن دانهيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سندن علائقي جو ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي پر هن وقت تائين سيپڪو وارا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿا ڪن، هنن چيو ته سيپڪو وارا ٽرانسفارمر جي مرمت جي بهاني رشوت طلب ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button