مختصر خبرون

باڊھ: محمد هاشم ۽ شاهد حسين جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا

عبدالمجيد جھتيال، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ
باڊهه
باڊهه لڳ ڳوٺ ٻاٻوري ۾ 3 مهينا اڳ گھٽي ۾ ٽيپ وڄائڻ واري مسئلي تان ٿيل جھيڙي ۾ جوابدارن پاران محمد هاشم ۽ شاهد حسين کي قتل ڪرڻ ۽ حاڪم علي، محرم علي، عبدالستار ۽ محمد قاسم گوپانگ کي شديد زخمي ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدار اڃان تائين گرفتار ٿي نه سگھيا آهن. هوڏانهن مقتولن جي گھرن ۾ اڄ تائين سوڳ ۾ تڏو وڇايل آهي جڏهن ته مقتول ڳوٺاڻن جون امڙيون مسلسل پاڪ ڪتاب پينگھن ۾ لوڏي انصاف لاءِ ٻاڏائي رهيون آهن هوڏانهن فريادي حاڪم علي گوپانگ ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان غريب ۽ شريف مانهو آهيون جڏهن ته جوابدار ڌر جا ماڻهو بااثر ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن جيڪي اڄ به سرعام هٿيار بند بڻجي علائقي ۾ گھمندا پيا وتن ۽ هو اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جڏهن ته باڊهه پوليس پڻ جوابدارن آڏو بيوس بڻيل آهي هن وقت تائين هڪ به جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيو آهي. هن چيو ته ظالمن اسان جا گھر اجاڙي اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي اسان جا خاندان عيد خوشين کان محروم بڻيل آهن هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيندا سين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button