باڊھ

باڊھ: عيد جي ڏينهن به باڊهه شهر مان گندگي جو آزار ختم نه ٿيو

عبدالمجيد جهتيال
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊهه

عيد جي ڏينهن به  باڊهه شهر مان گندگي جو آزار ختم نه ٿيو، فوٽو: خادم سومرو
عيد جي ڏينهن به باڊهه شهر مان گندگي جو آزار ختم نه ٿيو، فوٽو: خادم سومرو
عيد جي ڏينهن به باڊهه شهر مان گندگي جو آزار ختم نه ٿيو، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ روڊن ۽ رستن تي عيد جي ڏينهن به تلائن جي صورت ۾ نالين جو گندو پاڻي روڊن ۽ رستن تي بيهجي ويو، جڏهن ته شهرين پاران ٽي ايم اي ڏوڪري جي نااهلي سبب سخت ڳڻتي جو اظهار، لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏيڍ لک آبادي واري قديمي ۽ تاريخي شهر باڊهه ۾ ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جي نااهلي سبب وک وک تي گند ۽ ڪچري جا ڍير جمع ٿيل آهن، خاص ڪري ذڪريا ڪالوني، ڦلپوٽا محله، چنا محلا، تقي شاهه محله، غازي چوڪ، حيدر چوڪ، درگاهه چوڪ، سومرا محله، ريواچند محله ۽ ٻين هنڌن تي گند ۽ ڪچري جا وڏا ڍير جمع ٿي چڪا آهن، جنهن سبب سڄي شهر ۾ بدبوءِ پکڙجي وئي آهي، نتيجي ۾ ڪيتريون ئي وچرندڙ بيماريون پيدا ٿي چڪيون آهن. جنهن ۾ معصوم ٻارن ۽ عورتن سميت سوين ماڻهو مبتلا ٿي چڪا آهن، صفائي وارو عملو پگهارون ملڻ باوجود شهر جي مڙني علائقن ۾ صفائي ڪرڻ بجاءِ سرندي وارن ۽ حڪومتي ڌر جي وڏيرن جي گهٽين ۽ اوطاقن جي صفائي ڪرڻ تائين محدود آهن، هوڏانهن شهر جي مختلف علائقن ۾ نالين جي صفائي نه ٿيڻ ڪري نالين ۽ گٽرن جو گندو پاڻي هر وقت روڊن ۽ رستن طرف وهي رهيو آهي، جنهن ڪري هتان جا رهواسي عذاب واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته مختلف بازارن ۾ گند ۽ ڪچري جا ڍير هجڻ سبب هتان جو ڪاروبار پڻ متاثر ٿي رهيو آهي، گاڏين جي اچ وڃ سبب بازارن ۾ هر وقت ڌوڙ اڏامندي رهي ٿي، جنهن ڪري دڪاندار ۽ ڪاروباري ماڻهو سخت پريشان آهن، هتان جي ساڃاهه وندن ڪامريڊ عزيز بروهي، اصغر نوناري، زيڊ اي ڪولاچي، ڊاڪٽر سڪندر ميراڻي، سرويچ منگي ۽ ٻين عوامي آواز سان ويچار ونڍيندي چيو ته ٽي ايم اي ڏوڪري جي هڪ ڪروڙ 45 لک رپيا ماهوار بجيٽ هئڻ باوجود باڊهه شهر جي صفائي نه ٿي ڪرائي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته باڊهه شهر جي صفائي ڪرائي رهواسين کي بيمارين کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو رستو اختيار ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button