باڊھ

باڊھ: جسمم جي مرڪزي اڳواڻ برڪت چانڊيو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ميڙاڪو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊھ
جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم) جي مرڪزي اڳواڻ شهيد برڪت چانڊيو (عرف پريم ديوان جي ياد ۾ کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ باڊهه ۾ جسمم پاران تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو،

باڊھ: اڳواڻ ميڙاڪي کي خطاب ڪري رھيا آھن
باڊھ: اڳواڻ ميڙاڪي کي خطاب ڪري رھيا آھن
جنهن کي جسمم لاڙڪاڻي ضلعي جي صدر احمد علي ڪانڌڙو، ايس يو پي جي اسد گوپانگ، جسمم لاڙڪاڻي ضلعي جي سيڪريٽري شڪيل کونهارو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته رياست وٽ ڀلي ايٽم بم ۽ جديد هٿيار ڇو نه هجن پر ان کي شڪست ڏيڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جو فڪر ڪافي آهي، اهو ئي سبب آهي ته پريم ديوان کي شهيد ڪري به سنڌ دشمن قوتن کي شڪست ملي آهي، ان موقعي تي اڳواڻن شهيد برڪت چانڊيو عرف پريم ديوان کي زبردست لفظن جي ڀيٽا پيش ڪري کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو، هنن چيو ته پريم ديوان سائين جي ايم سيد جو سچو ديوانو هو ۽ اهڙا ديوانا شهيد ته ٿي ويندا آهن پر پنهنجي وطن، قوم ۽ ڌرتي سان محبت ۽ پيار جو رشتو ناهن ٽوڙيندا، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ديوان شهادت ماڻي پنهنجي ڌرتي ماءُ سان وفا جو وچن نڀايو آهي، رياست ڀل اسان کي ديوان پريم جي روپ ۾ شهادتون ڏئي پر سيد جا پيروڪار سنڌ جي آجپي واري جدوجهد تان ڪڏهن به نه هٽندا، ان موقعي تي جسقم، ايس يو پي، ايس ٽي پي جي اڳواڻن به پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته ٻن منٽن لاءِ خاموشي پڻ اختيار ڪئي وئي، ۽ تنظيم جو ترانو پڻ ڳايو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button