مختصر خبرون

باڊھ: بازارن مان گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو

عبدالمجيد جھتيال
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊھ
باڊهه جي بازارن مان گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو. پوليس اسٽيشن چوڪ شاهي، بازار غازي چوڪ ۽ اسٽيشن روڊ تي اڃا پاڻي بيٺل. باڊهه ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان صفائي نه ٿيڻ ڪري شهر جا اهم ڪاروباري مرڪز ۽ بازارون اڃا تائين گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ آيل آهن خاص ڪري گند روڊ، پراڻي بازار ۽ پوليس ٿاڻي آڏو بيٺل نالين جو گندو پاڻي رهواسين ۽ دڪاندارن لاءِ آزار بڻيل آهي، گندي پاڻي جي بدبوءَ سبب ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجا دڪان بند ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته شهرين ۽ دڪاندارن پاران ڪيترائي ڀيرا احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا پر سي ايم او ڏوڪري جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي سري. هوڏانهن شهر اندر مکيا بازارن ۾ مسلسل گٽرن جو پاڻي بيهڻ سبب ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تعمير ڪرايل روڊ اکڙي تباهه ٿي ويا آهن. هوڏانهن سي ايم اي ڏوڪري جي ماهوار هڪ ڪروڙ 45 لک رپيا بجيٽ هئڻ باوجود باڊهه ۾ هن وقت تائين هڪ روپئي جو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو آهي ايتري قدر جو شهر اندر وک وک تي نالين جا ڪراس ٽٽي تباهه ٿي ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ نالين ۽ گٽرن جو گندو پاڻي هر وقت روڊن ۽ بازارن طرف وهندو رهي ٿو. ٻئي طرف هتان جي ساڃاهه وندن ڪامريڊ قادر بروهي، اصغر نوناري، نور محمد بليدي، سعيد احمد ڪانڌڙو، ڊاڪٽر سڪندر ميراڻي، عرفان ڪانڌڙو ۽ ٻين ٻڌايو ته سي ايم او ڏوڪري عبدالوحيد پنهيار جي نااهلي ۽ بي ڌياني سبب باڊهه شهر تباهي جي ور چڙهي ويو آهي. شهر جي صفائ نه ٿيڻ جي ڪري پئدا ٿيل گندگي سبب رهواسين جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نااهل سي ايم او ڏوڪري کي فوري طور تي هٽائي ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button